اسلام ڪوٽ ۾ 2 معصوم ٻارڙيون گندي پاڻي جي کڏ ۾ ڪِري ٻُڏي فوت

اسلام ڪوٽ ڀرسان هانوُ ڏاريندڙ  واقعو پيش آيو جتي ٻه معصوم ٻارڙيون گهر ٻاهران گندي پاڻي جي کڏ ۾َ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويون ،ڳوٺ ٿاريو هاليپوٽا ۾ ٻه سئوٽ معصوم ٻارڙيون 5 ورهين جي عضميٰ ڌي محمد رحيم ۽ 4 ورهين جي فضا ڌي جيئڻ هاليپوٽو گهر ٻاهران گندي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويون، ٻارڙين کي وارث اسلام ڪوٽ اسپتال کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ويئي،ٻارڙيون گهر ٻاهران راند ڪندي گندي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري پيون، ٻين ٻارن جي رڙين تي وارثن ٻارڙين کي ٻاهر ڪڍيو،واقعي بعد اسپتال ۾ ماءۡ ۽ پيءء ٻارڙين کي چنبڙي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.