غوثپور: ڳڙهي لاڙو ۾ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ،متاثرن جو احتجاج

غوثپور ڀرسان ڳڙھي لاڙو واري علائقي ۾ اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي زميني تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو جنھن بعد ٻنھي ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو هلندو رهيو،  فائرنگ سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو۔ فائرنگ جو سلسلو ھڪ ڪلاڪ تائين جاري رھيو پر پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي۔ ٻئي پاسي متاثر ڳوٺاڻن سراج احمد۔ وزير اوڳاھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته گھنيو اوڳاھي  خان محمد خان محمد ۽ ٻين انهن جي گھرن ۽ زمين تي اچي فائرنگ ڪئي آھي ۽ ڌمڪيون ڏين ٿا ته زمين خالي ڪيو ، ھنن اھا به شڪايت ڪئي ته پوليس اطلاع باوجود واقعي واري ھنڌ نه پھتي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.