”پاڪستان ڪشميرين جي جدوجهد ۾ ساڻن گڏ بيٺل آهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  ملڪ جي صدر  عارف علوي ۽ وزير اعظم عمران خان يوم شهدائي ڪشمير تي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

ملڪ جي صدر عارف علوي پنهنجي بيان ۾ چيو ته يوم شهدائي ڪشمير تي پنهنجي ڪشميرين ڀائرن ۽ ڀينرن کي سلام پيش ڪيان ٿو، 13 جولاءِ 1931ع جي شهيدن جي روح کي سندن جانشين جيئرو رکيو ويٺا آهن.

ملڪ جي صدر چيو ته ڪشميري عالمي بداري جي قبوليل حق خوداراديت جو مطالبو ڪري رهيا آهن، ڪشميرين جي بهادرن جي آزادي لاءِ جدوجهد اڃا به جاري آهي، ڪشميري عوام جي غير قانوني قبضي خلاف جنگ منصفاڻي ۽ بي لوث آهي.

وزير اعظم جو بيان:

ٻئي پاسي وزير اعظم پنهنجي بيان ۾ چيو ته يوم شهدائي ڪشمير تي ڪشميرين سان گڏ بيٺا آهيون، اسان 13 جولاءِ 1931ع جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا، 13 جولاءِ 1931ع تي مهاراجا ڊوگرا جي فوجين پرامن مظاهرو ڪندڙن تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 22 ڪشميري شهيد ٿيا.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ڪشميرين جي جدوجهد ۾ هنن سان گڏ آهي، ڪشميرين کي گڏيل قومن جي ٺهرائن جي موجب حق خوداراديت ملڻ تائين سمجهوتو نه ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.