ميان صاحب :زرعي پاڻي جي کوٽ سبب ساريالو فصل سڙڻ لڳو ، هارين جو احتجاج

ميان صاحب ڀرسان شڪارپور ضلعي ۾ آبپاشي کاتي جي  بيگاري ڊويزن ٺُل ۽ چوھِي سب ڊويزن شڪارپور جي انجنيئرن جي نااھلي سبب زرخيل شاخ، چوئي شاخ ۽ دوست واھ شاخ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي ، پاڻي جي کوٽ سبب ھارين جو ساريالو ٻج ۽ فصل سڙڻ لڳا جنھن سبب ھاري سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا، ڳوٺ دوست واھ، ڳوٺ ھيرالدين جعفري ۽ زرخيل جي رھواسي ھارين علي بخش بروهي، ناصر، سائين بخش جعفري، رحيم داد، ڪريم داد، مولابخش ۽ ٻين پاران پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي  دانھيندي هارين چيو ته لوڊرا سرڪاري فارم ۾ لڳل سرڪاري سولر واري ٽيوب ويل کي لوڊرا فارم جي جمعدار غلام نبي شر تالو ھڻي بند ڪري ان کي ھارين جي زمينن لاءِ بي لاڀ بڻائي ڇڏيو آهي، جنھن جي ڪري ھاري جنريٽر ۽ ھٿن وسيلي زمينن ۽ ٻجن کي پاڻي ڏيڻ تي مجبور آهن، ھارين آبپاشي جي وزير ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي ته شڪارپور جي  شاخن ۾ وڌيڪ پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن ساريالو فصل سڙڻ کان بچي سگهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.