ڊبليو ايڇ او هڪ کان وڌيڪ قسم جي ڪورونا ويڪسين لڳرائيندڙن کي خبردار ڪري ڇڏيو

جنيوا(ويب ڊيسڪ) صحت واري عالمي اداري خبردار ڪيو آهي ته ماڻهو ڪورونا جي هڪ کان وڌيڪ قسم جي مختلف ويڪسين نه لڳرائن.

ڊبليو ايڇ او جي چيف سائنٽسٽ جو چوڻ آهي ته هڪ کان وڌيڪ ڪمپنين جي ويڪسين لڳرائڻ خطرناڪ رجحان آهي ڇو ته ان جي صحت تي اثر انداز ٿيڻ بابت انگ اکر انتهائي گهٽ آهن.

هن چيو ته جيڪڏهن مخلتف ملڪن جي شهرين اِهو فيصلو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته هنن کي ڪڏهن ٽين ۽ چوٿين ويڪسين لڳرائڻي آهي ته افراتفري جي صورتحال پيدا ٿي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.