اڳوڻو هاڪي اولمپيئن نويد عالم لاڏاڻو ڪري ويو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪينسر جي عارضي ۾ مبتلا اڳوڻو اولمپيئن نويد عالم لاڏاڻو ڪري ويو.

نويد عالم جي نياڻي حاجرا پيءَ جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته گذريل رات لاهور جي ڪينسر اسپتال ۾ بابا جي پهرين ڪيموٿراپي ٿي هئي، جنهن کانپوءِ سندس طبعيت بگڙي وئي، جنهن جي ڪري کيس آءِ سي او منتقل ڪيو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو.

نويد عالم 1994 جي هاڪي ورلڊ ڪپ جي فاتح پاڪستاني ٽيم جو ميمبر هو، جڏهن ته هن اولمپڪس، چيمپيئنز ٽرافي ۽ ايشين گيمز سميت ڪيترن ئي ايونٽن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.

هو پاڪستاني هاڪي ٽيم، چين جي هاڪي ٽيم ۽ بنگلاديش جي هاڪي ٽيم جو ڪوچ به رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.