ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 21 فوتگيون، مثبت ڪيسن جي شرح 3.63 ريڪارڊ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 21 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 1500 کان وڌيڪ ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 43790 ٽيسٽون ڪيو ويون جهن مان 1590 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 21 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 3.63 سيڪڙو رهي.

اين سي او سي جي انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 22618 ٿي چڪو آهي جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 76 هزار 867 تائين پهچي چڪو آهي.

ان کان سواءِ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 732 ڄڻا ڪورونا وائرس مان صحتياب به ٿيا جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ وبا مان شفاياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 14 هزار 605 ٿي ويو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ فعال ڪيسن جو انگ 39644 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.