وفاقي ڪابينا جو تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اجلاس ۾ ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪميٽي طرفان پنجاب حڪومت ۽ تنظيم جي موقف کي ٻڌڻ ۽ حقيقتن جي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ تنظيم تي پابندي جو فيصلو حقيقتن ۽ ميرٽ تي هو.

گڏوگڏ تنظيم تي پوليس وارن کي شهيد ڪرڻ جا الزام به آهن، علائقائي پوليس تي تشدد ۽ باهه لڳائي جاين کي نقصان پهچائڻ جا پڻ الزام آهن.

ٻئي مرحلي ۾ تنظيم جو چونڊ نشان ڪينسل ڪرائڻ لاءِ حڪومت قدم کڻندي، جيڪي دهشتگردي روڪ ايڪٽ تحت هوندا.

واضح رهي ته وفاقي حڪومت هلندڙ سال اپريل ۾ تحريڪ لبيڪ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.