سونڊا ڀرسان قومي شاھراهه تي ٽرڪ جو گڏهه گاڏي کي ٽڪر

سونڊا (رپورٽ: ارشاد گندرو) سونڊا ڀرسان جھرڪ ٿاڻي جي حد ۾ ٺٽو حيدرآباد قومي شاھراھ تي ڪاٺ سان ڀريل ٽرڪ تيز رفتاري سبب گڏھ گاڏي  سان ٽڪرائجي ويئي، جنھن جي نتيجي ۾ گڏھ گاڏي هلائيندڙ پورھيت مصطفيٰ برفت موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، اطلاع تي ايس ايڇ او جھرڪ امير بخش کوسو پھچي پورھيت جو لاش رورل ھيلٿ سينٽر جھرڪ کڻائي آيو، جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پورھيت جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. جڏھن تہ ڪاٺ سان ڀريل ٽرڪ گڏھ گاڏي کي ٽڪر ھڻڻ بعد ڪلٽي ٿي پئي، جهرڪ پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.