ڪشمور ۾ آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

ڪشمور(ڊر )ڪشمور ۾ مانگھر ڦاٽڪ وٽ انڊس هاءِ وي روڊ تي آبادگارن بخشاپور مائنر شاخ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪري  ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آبادگارن عابد حسين، طارق علي ربنواز، محسن علي ۽ ٻين ايريگيشن انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي آبادگارن دانھيندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان بخشاپور مائنر شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي پاڻي نه ملڻ ڪري ساريالي فصل جي پوک سخت متاثر ٿي رهي آهي آبادگارن چيو ته گھرن جو گذر سفر سمورو سارين جي فصل تي آهي آبادگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڻي نه مليو ته لکين رپين جو نقصان ٿيندو ايس ايڇ او ڪشمور اقتدار جتوئي احتجاج واري هنڌ پهچي آبادگارن جو ڊي سي ڪشمور سان رابطو ڪرايو جلد پاڻي ڇوڙ ڪرائڻ جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.