ڌاٻيجي: ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ لائنون ڦاٽي پيون

ڌاٻيجي (ن ع آ) سنڌ جي گاڌي واري شهر ڪراچي کي پاڻي سپلائي ڪندڙ 72انچ جون هڪ نمبر ۽ ٻه نمبر لائن بجلي جي بريڪ ڊاون سبب  ڦاٽي پئي جنهن سبب لکين گيلن  پاڻي ضايع ٿي ويو يادر رهي گذريل ڏينهن پهريان 72انچ جي پنج نمبر لائن ڦاٽي هئي جنهن جو مرمتي ڪم اڃا مڪمل ئي ڪون ڪيو هوته اچانڪ هڪ دفعو ٻيهر لائن ڦاٽي پئي ذريعن موجب مرمتي ڪم دوران ناقص ميٽريل استعمال ڪيو ٿو وڃي جنهن سبب هر روز لائن ڦاٽڻ معمول جو سبب بڻجي ويو آھي لائن ڦاٽڻ جي ڪري لکين گيلن پاڻي پڻ ضايع ٿئي ٿو ۽ سنڌ جي گاڌي واري شهر ڪراچي جي مختلف علائقن  ۾ پئيڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿئي ٿي لائن ڦاٽڻ سبب علائقي جا روڊ  مڪمل طور تي اجڙڻ لڳا ۽ روڊن تي گوڏي جهيڏو پاڻي بيهڻ سبب علائقي واسين کي شهر ڏانهن اچ وڃ ۾ مشڪل پيش اچي رهي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.