ڀرياسٽي لڳ سونڌڻ شاخ آبپاشي عملدارن ڊاهي ڇڏي، آبادگارن جو ڌرڻو

ڀرياسٽي (  ن ع آ  ) ڀريا سٽي  ويجهو ڳوٺ ماڻڪ خاصخيلي جي رهواسي ڳوٺاڻن  مير حسن خاصخيلي ، شير خان خاصخيلي ، اعجاز خاصخيلي ،  الهه ورايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻن روهڙي ڪئنال مان نڪرندڙ سونڌڻ شاخ جي مٿان  آبپاشي عملدارن جي مبينا زيادتين خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪري نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو، ان موقعي  تي  متاثر آبادگارن  ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو ته شاخ  تي مقرر ڀريا آبپاشي جا عملدار خاص ڪري داروغو  فدا حسين شاهه  وڏيون ڪرين مشينون گهرا.ئي حڪومت سنڌ جي ڪروڙين روپين سان پڪي ٿيل شاخ کي بلاجواز ڊاهي  ڇڏيو آهي،  اتان سوين  ٽراليون  لکين روپين جي مٽي ڪڍرائي وڪرو ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته  پڪي شاخ کي ڪرين ذريعي پٽرائي گهرو ڪرڻ  سبب اسان جا معصوم ٻار روز شاخ ۾ ڪري پون ٿا، جنهن سبب ٻار پڻ  فوت ٿيا آهن. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان پاران منع ڪرڻ تي اسان کي موتمار ڌمڪيون ۽ ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيو ن ڏئي ٿو . ڳوٺاڻن ٻڌايو اسان ڪافي  ڀيرا  آبپاشي کاتي جي عملدارن ۽  مقامي انتطاميا کي ان ڏس ۾ درخوستون ڏنيون  آهن پر ڪوبه تدارڪ نه ٿو ٿئي  جڏهن ته ڳوٺاڻن ابپاشي جي صوبائي وزير ۽  ٻين عملدارن کان گهر ڪئي ته پڪي  ڪرايل شاخ کي غير قانوني  طور ڪرين مشينن ذريعي پٽرائڻ ۽ مٽي کپائڻ  واري معاملي جي اعليٰ سطحي تي جاچ ڪري لاڳاپيل عملدارن  خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.