آبادگارن ۽ شهرين جي پاڻي کوٽ خلاف شهيدن کي دانهن، مزارن آڏو احتجاج

شھدادڪوٽ/ رتو ديرو/ نئون ديرو (نمائمدن وٽان) شھدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان تعلقن ۾ پاڻي جي سخت اڻاٺ خلاف آبادگار ۽ شھري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾  شھيدن جي مزار اڳيان سخت احتجاج ڪري آبپاشي ڪامورن خلاف شھيد راڻيءَ وٽ دانھين ٿيا, پاڻيءَ جي وڏي کوٽ خلاف شھدادڪوٽ پريس ڪلب کان شھيد بينظير ڀٽو جي مزار تائين گاڏين ذريعي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي,ريلي ۾ شامل بسن، وينن ۽ ڪارن تي سوار شھري ۽ متاثر آبادگار ھٿن ۾ ڪارا جهنڊا ۽ بئنر کڻي نعري بازي ڪندا رهيا, احتجاج ڪندڙ جڏهن ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شھيدن جي مزار ٻاھران پھتا ته مقرر عملي مزار جا دروازا مڪمل طور بند ڪري کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو, جنهن کان پوء مظاھرين مزار جي ٻاھرين دروازي اڳيان نٽھڻ اُس ۾ ٻن ڪلاڪن تائين سخت احتجاج ڪري ڌرڻو ھنيو,جتي خطاب ڪندي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن مير غيبي خان مغيري، امجد ميرجت، شھري اتحاد جي صدر وھاب پندراڻي، جنرل سيڪريٽري حبدار ميرجت، جسقم اڳواڻ الطاف سومرو، مجاهد اعواڻ، مولانا عبدالباسط ٻرڙو، غني مجاهد، ھمايون مغيري، محمد ايوب کوسو، ڪرم مگسي، سردار مگسي ۽ ٻين چيو ته کيرٿر ڪئنال مان نڪرندڙ ايس ڪي ٽي برانچ ۽ سيف الله مگسي برانچ جي سمورين شاخن ۾ پاڻيءَ جي تمام وڏي کوٽ مسلسل برقرار آهي جنهن جو پاڻيءَ جي مجموعي کوٽ کان به وڏو سبب آبپاشي ڪامورن پاران پاڻيءَ کي بااثر ماڻهن وٽ وڪرو ڪرڻ آهي,ھنن چيو ته کيرٿر ڪئنال ۾ ڪي بي ايڇ ريگوليٽر کان گڻنگ ريگيوليٽر تائين ۽ سيف الله مگسي برانچ جي ساڄي بلوچستان واري پاسي سوين پائيپن ذريعي پاڻيءَ جي کڻت شھدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان تعلقن ۾ ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ساريالي فصل لاءِ ٻيجاري جي دير سان پوکي ويندڙ جنس به ڪم جي نه رھندي,نتيجي ۾ ساريالو فصل نه ٿي سگهڻ ڪري ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي، ھنن چيو ته پاڻي جي کوٽ جو ذميوار آبپاشي کاتي جو صوبائي وزير سھيل انور سيال آهي جنهن جي ناقص ڪارڪردگي جي ڪري ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي ويئي آهي جو ھر طرف ڪربلا متي پئي آهي, ھنن مطالبو ڪيو ته شھيدن جي صدقي اسان کي پاڻي ڏئي زندگيون ۽ زراعت کي بچايو وڃي ٻئي صورت ۾ علائقي واسي وڌيڪ سگهارو احتجاج ڪرڻ سان گڏ انتھائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.