نوابشاهه ۾آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

نوابشاھه (ڊ ر) کڏھر شاخ جي آبادگارن پاران ايريگيشن کاتي جي نااھلي جي ڪري زرعي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف حاڪم جمالي،  زاھد آزاد، انور جمالي، ذاڪر جمالي، جعفر جمالي، ڊاڪٽر نور جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کڏھر شاخ کان ھڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا مقرر رستن کان ٿيندي نوابشاهه پريس ڪلب پھتي جتي مظاهرين چيو ته ايريگيشن کاتي جو ايس ڊي او شھاب الدين ڀٽي گذريل چئن مھينن کان اسان جي ھزارين ايڪڙ زمينن جو پاڻي بند ڪري اسان آبادگارن سان ظلم ڪيو آھي، ھنن چيو ته اسان جو ھزارين ايڪڙن تي پوکيل ڦٽين، مرچن ۽ بصرن جو فصل پاڻي نه ھجڻ جي ڪري سڙي تباھه ٿي رھيو آھي جڏھن ته ايس ڊي او ايريگيشن شھاب الدين ڀٽي اسان جي زمينن جو پاڻي بند ڪري پنھنجي من پسند ماڻھن کان رشوت وٺي اسان جي حصي جو پاڻي انھن کي ڏئي رھيو آھي جيڪو اسان آبادگارن سان ظلم آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏئي اسان کي بک بدحالي کان بچاو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.