لاڙڪاڻي واسي وڪيل ۽ ناري ڪراچي مان گرفتار، عدالت ۾ پيش

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس ڪراچي مان گرفتار ڪرڻ بعد لاڙڪاڻي منتقل ڪيل وڪيل اسد الله سومرو ۽  شادي شده ناري صائمه کي فيملي جج لاڙڪاڻو عادل عزيز سولنگي جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار وڪيل کي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جنهن تي عدالت جوابدار وڪيل کي جيل حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته ناري صائمه ميمڻ پڻ ساڳي ئي عدالت ۾ پيش ٿي جتي ناري جو بيان قلمبند ڪرڻ بعد عدالت ناري کي 5 لک روپين جي لکت ۾ ضمانت ڏيڻ عيوض پنهنجي والدين حوالي ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان مارڪيٽ پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته مٺاڻي پاڙي جي رهواسي سليم الله چاڪي طرفان 15 جون 2021 تي حد جي حيدري ٿاڻي تي گناهه نمبر 2021/49 قلم 365 بي تحت هڪ ايف آءِ آر داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته 9 جون تي اسد الله سومرو پنهنجي هڪ نامعلوم ساٿي سان گڏجي گهر ۾ گهڙي سندس گهر واري صائمه کي هٿيارن جي زور تي زنا جي ارادي سان اغوا ڪري ويو آهي اهڙي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان بعد پوليس اسد الله سومرو ۽ شادي شده عورت صائمه کي ڪراچي مان هٿ ڪرڻ بعد اڄ لاڙڪاڻي جي فيملي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو جتي عدالت اسد الله سومرو کي جيل ۽ ناري صائمه کي 5 لک روپين جي ضمانت عيوض پنهنجي والدين حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن مارڪيٽ پوليس جوابدار وڪيل اسد الله سومرو کي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته وومين ٿاڻي جي پوليس ناري کي ضروري ڪاروائي بعد والدين حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.