ماٿيلي لڳ وياج خورن خلاف ليبر ڪالوني واسين جو احتجاج

ميرپورماٿيلو ( ت ر ) گذريل ڏينھن وياج خورن خلاف ليبرڪالوني جي رھواسي ريٽائر پوليس اھلڪار شوڪت لغاري پاران سندس زال صغران  لغاري، ننھن رينا لغاري،پٽ عامر لغاري ۽ معصوف پوٽن ۽ پوٽين کي ساڻ ڪري ميرپورماٿيلو پريس ڪلب پھچي دانھيندي چيو ته ٻه سال اڳ وياج جا پئسا ڀري ڪليئر ڪرڻ ۽ سندس ڪچي صحيح ھئڻ باوجود وياج خور شنڪر لال ۽ وشال ڪمار پاران نيشنل بينڪ ميرپورماٿيلو برانچ جي مئنيجر صفر ڪلوڙ سان ملي ڀڳت ڪري سندس جي پگھار ۽ پينشن جا 61 ھزار روپيه ڪڍرائي ويا آھن، ھن چيو ته ھاڻ ٻيو ڪو ڪمائڻ وارو ناھي ۽ نه ئي ڪي پئسا آھن جو ٻچڙن کي عيد ڪرايان، ايس پي گھوٽڪي عمرطفيل کي درخواست ڏيڻ باوجود بااثر وياج خورن ۽ بينڪ مئنيجر خلاف ڪاروائي نه ٿي سگھي آھي، ھن چيو ته گھوٽڪي ضلعي جا سمورا سرڪاري ملازم وياج خور وشال ڪمار ۽ شنڪر لال وٽ يرغمال آھن، ميرپورماٿيلو جو بينڪ مئنيجر ملازمن کي سندن پنھنجو چيڪ پاس ڪري نه ٿو ڏي پر انھن وياج خورن کي پنج پنج ھزار چيڪ بغير ملازمن جي صحيح جي پاس ڪرائي ٿا ڏين، ھنن نيشنل بينڪ جي صدر، ڊي سي گھوٽڪي ۽ ٻين وسوارن کان انصاف جو مطالبو ڪيو، ھوڏانھن ريٽائر ملازم جي اڪائونٽ جي بينڪ اسٽيٽمنٽ ڏيکاريندي نيشنل بينڪ مئنيجر صفر ڪلوڙ ”عوامي آواز“ کي ٻڌايو ته ڄاڻايل ملازم جي ڪا ھڪ چيڪ به سندس کان بغير پاس ناھي ٿي، ھو غلط فھمي ۾ بيبنياد الزام ھڻي ٿو، ھن چيو ته ڀلين انڪوائري ڪئي وڃي ھو يا سندس بينڪ جو ڪو به عملو اھڙي غلط عمل ۾ ملوث ناھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.