ماٿيلو پوليس حملي جو ڪيس داخل نه ڪيو، جوابدار رشوت ڏئي آزاد، احتجاج

ميرپورماٿيلو ( ت ر  ) ڏھرڪي جي رھواسي شيخ برادري جي ماڻھن مخالفن ۽ ڏھرڪي توڙي ڪمپلين برانچ ميرپورماٿيلو جي پوليس خلاف ميرپورماٿيلو پريس ڪلب پھچي احتجاجي  مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي شاھد شيخ، فاطمه شيخ، الله بخش شيخ ۽ ٻين دانھيندي چيو ته عدالتي پرڻي تي فاطمه جي اڳوڻي مڙس حميد شيخ جيڪو پوليس کي گھربل آھي جي مائٽن وريام شيخ، ڄام شيخ ۽ ٻين ھفتو اڳ حملو ڪري شاھد ۽ فاطمه کي مرڻينگ ڪيو ھو،گھري ڌڪن جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ھئڻ باوجود ڏھرڪي پوليس سندن جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري ۽ گرفتار ڪرايل جوابدار رشوت عيوض آزاد ڪيا ويا، جنھن بعد ايف آءِ  آر آرڊر وٺڻ لاءِ ھنن سيشن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي.  جنھن جي جاچ دوران اڄ ڪمپلين برانچ ميرپورماٿيلو ۾ پوليس وارن جي موجودگي ۾ ڄاڻايل ساڳين جوابدارن ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ ساٿين سميت حملو ڪيو، جڏھن ته ڪمپلين برانچ پوليس بااثر جوابدارن جي ونگارو آھي،ھنن وسوارن کان ڄاڻايل جوابدارن ۽ ڏھرڪي پوليس توڙي ڪمپلين برانچ پوليس خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.