ميهڙ ۾صحافي جي پٽ کان ڦر خلاف احتجاج

ميھڙ( رپورٽ: جميل مهيسر ) گذريل اٽڪل 2 مهينا اڳ ميهڙ باء پاس وٽان 3 هٿياربند ڦورن ميهڙ پريس ڪلب جي خزاچي فقير عظيم  جانوري جي 8 ڪلاس جي معصوم پٽ سهيل خان ۽ پوٽي بلال کان ون ٽو فاء موٽرسائيڪل 20  هزار روڪ رقم ۽ 2 موبائيل فونون ڦر ٿيڻ واري واقعي جا ايس ايس پي دادو اعجاز شيخ جي خاطري باوجود جوابدار هن وقت تائين گرفتار ناهن ٿيا ۽ نه ئي ڦر ٿيل سامان رڪوري ڪيو ويو آهي, ايس ايس پي دادو ۽ ميهڙ پوليس جي نااهلي سبب بدامني عروج تي پهتل آهي.   ان سلسلي ۾ قلم ڌڻين ميهڙ پريس ڪلب صدر, ايڇ يو جي اڳواڻ نياز ڀٽي, جنرل سيڪريٽري جميل مهيسر, سينيئر ترين صحافي, ليکڪ, تجزينگار پاويل جوڻيجو, نائب صدر منظور جويو, جونيئرنائب صدر عرفان بدر سهول, اڳوڻي صدر بدر سهول, مرتضي پنهور, عامر تيوڻو, سونو غلام الله ڏيپر,, فراز چنا, گلزار مهيسر, احسان جانوري, شڪيل عطار, عمران تيوڻو, عامر عطار, صابرجويو, احسان جويو, اظهر پنهور, نادر چانڊيو, يحي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪڍيو قلم ڌڻين مظاهرين سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي هنن چيو ته 2 مهينا اڳ ميهڙ باء پاس وٽ ھٿياربند ڦورن صحافي فقير عظيم جانوري جي پٽ ۽ پوٽي کان ڦر واري واقعي ۾ ملوث جوابدار پوليس هن وقت تائين گرفتار ناهن ڪيا ۽ نه وري ڦر ڪيل موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان واپس ڪرايو آهي جڏهن ته ايس ايڇ او ميهڙ اي ۽ بي سيڪشن سميت خود ايس ايس پي دادو اعجاز شيخ روز صرف ڪوڙا دلاسا ڏيندا رهن ٿا اسان صحافي دادو آفيس ۾ ايس ايس پي دادو اعجاز شيخ سان ڪيترائي دفعا روبرو ملياسين جنهن صرف ٺلا آسرا ڏنا آهن پر هن وقت تائين ڪجھ به ناهي ڪيو هنن آء جي سنڌ, ڊي آء جي حيدرآباد  کي اپيل ڪئي ته ڦر واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فورن گرفتار ڪري ڦر ڪيل موٽرسائيڪل روڪ رقم موبائيل فونون واپس ڪرائي صحافين مان بي چيني دور ڪئي وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.