ناري ۾ڳوٺاڻن جو گئس ڪمپني خلاف احتجاج، گيٽ اڳيان ڌرڻو

نارو ( رپورٽ عاشق سهتو ) ناروچونڊڪو ڀرسان ڪاٺوڙ واري علائقي ۾  يوئي پي گئس ڪمپني سپورٽڊ ميل.فيميل استادن.شاگردن.شاگردياڻين.سول سوسائٽي. سياسي سماجي اڳواڻن جي ڊي اي اڳواڻ نياز محمد ڀنڀرو.وڏيروعاشق حسين آرادين. دادلو فقير سهتو.خدابخش سومرو.الطاف ڀنڀرو.محبوب شر.خميسو اوڏ.منور شر.آدم چانڊيو جي اڳواڻي ۾ علائقي جي سوين ماڻهن پاران يوئي پي گئس ڪمپني سانوڻ فيلڊ ڪاٺوڙ جي مک گيٽ اڳيان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي  پرامن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي مطالبن جي مڃتا لاء احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ويهي رهيا  جڏهن ته گئس ڪمپني جا آفيسر مظاهرين سان ڳالهيون ڪرڻ بجاء گيٽ بند ڪرائي ڪمرن ۾ ويهي رهيا آهن ان سلسلي ۾ مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته   2003ع ۾ اوايم وي گئس ڪمپني سانوڻ فيلڊ ڪاٺوڙ خيرپور.سکر ۽ گهوٽڪي ضلعن جي ٽن تعلقن نارو.صالح پٽ ۽ خانپور مهر جي مختلف علائقن ۾ بنيادي  تعليم جي بهتري لاء رائلٽي فنڊ مان 67 بوائز.گرلز پرائمري اسڪول کولي شاندار بلڊنگس جوڙائي 105ميل ۽ فيميل استادن کي مقرر ڪري غريب ۽ بي پهچ ٻارڙن کي تعليم پرائڻ جو شاندار موقعو فراهم ڪيو هو انهن اسڪولن ۾ 7390 جي لڳ ڀڳ معصوم ٻارڙا تعليم پرائي رهيا هئا  جڏهن ته ٻه سال اڳ او ايم وي گئس ڪمپني سانوڻ فيلڊ ڪاٺوڙ ۽ حڪومت پاڪستان جو مدو پورو ٿيڻ بعد گورنمنٽ پاڪستان يو ئي پي گئس ڪمپني سان معاهدو ڪري گئس جا 120 کوه سندن حوالي ڪيا آهن جڏهن ته يوئي پي گئس ڪمپني سانوڻ فيلڊ ڪاٺوڙ اسڪولن جي تعليم واري پراجيڪٽ کي بند ڪري ڇڏيو آهي گذريل سال ڪمپني انتظاميه بنا جواز سمورا اسڪول بند ڪري استادن جون پگهارون به بند ڪري ڇڏيون آهن جنهن سبب ڪروڙين روپين جي لاڳت سان جوڙايل اسڪولن جون عمارتون ويران بڻجي ويون ۽ هزارين معصوم ٻارڙن کان تعليم جو حق کسيو ويو آهي تڪ جا چونڊيل نمائنده ايم اين اي .ايم پي ايز ۽ ڊي سي خيرپور به ڪمپني انتظاميه سان ٻٽ بڻيل آهن اسين چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي اپيل ٿا ڪيون ته هن مسئلي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.