سکر سيپڪو جي نااهلي، ننڍن وڏن شهرن جي بجلي بند،

سکر ( رپورٽر ) اتر سنڌ ۾ بجلي فراھم ڪندڙ سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (سيپڪو) جي نااهلي سبب سکر ۽ ٻين ضلعن سميت  ننڍن وڏن شھرن ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي. جڏھن ته سنڌ جي ٽئين وڏي شهر سکر ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار پڻ وڌي ويو آھي. ھوڏانھن سکر جي ھزارين گھرن کي بجلي فراھم ڪندڙ سائيٽ ايريا گرڊ اسٽيشن ۾ معمولي فني خرابي کان پوءِ گذريل شام جو 6 وڳي کان رات جو 4 وڳي تائين بجلي بند رھي. گرڊ اسٽيشن ۾ معمولي خراب کان پوءِ سيپڪو عملي گرڊ مان نڪرندڙ رائل فيڊر، جيئي شاھ فيڊر، قريشي فيڊر، اسلام ڪاني فيڊر، نئيون پنڊ فيڊر سميت شھر جا 26 فيڊر بند ڪري ڇڏيا. جنھن سبب اڌ کان وڌيڪ شھر سخت گرمي ۾ اونداھين جي ور چڙھي ويو. . جڏھن ته پراڻو سکر، بکر چوڪ، رائل روڊ، قريشي روڊ، دٻا روڊ، نمائش، پراڻو گوشت مارڪيٽ، جنات بلڊنگ، ميراڻي پاڙو، ڌاريجو پاڙو، ڪيريا پاڙو سميت سموري پراڻو سکر اونداھين ۾ رھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.