سيٺارجا ۾نينگر سان ڏاڍائي معاملو، 4 جوابدار گرفتار

سيٺارجا (ن ع آ) گذريل ڏينهن سيٺارجا شهر جي رهواسي يارنهن سالا نينگر وقاص ڀٽو سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ سميت سندس اعتراض جوڳيون تصويرون ڪڍي مختلف جوابدارن پاران بليڪ ميل ڪرڻ واري  واقعي جو 24 ڪلاڪن بعد نينگر جي چاچي زاهد حسين ڀٽو جي فرياد تي سيٺارجا ٿاڻي تي 4 سڃاتل جوابدارن علي ڏنو ڪٻر، جمن ڪٻر، ذيشان راجپوت، ضمير ٻوهيو سميت ٻن اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف قلم 377 506/2، 34 PPC تحت داخل ڪيو ويو جڏهن تہ ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن کي پوليس گذريل ڏينهن ئي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو هيو جڏهن تہ داخل ڪرايل ڪيس ۾ زيادتي واقعي جو هنڌ تبديل ڪري فريادي پاران ڄاڻايو ويو آهي تہ سندس ڀائٽيو وقاص گهران سودو وٺڻ لاءِ شهر ويو جيڪو ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين واپس نه موٽيو تہ اسان سندس جي شهر ۾ تلاش شروع ڪئي ۽ ريلوي اسٽيشن کان ٿيندا بند پيل پراڻي سگنلن واري ڪيبن وٽ پهتاسين تہ دانهون ٻڌيونسين ۽ اتي وڃڻ تي وقاص کي ڪپڙن کان آجو  ڏٺوسين اتي مذڪوره جوابدار پڻ موجود هيا جن کي سڃاتوسين ۽ هو اسانکي ايندو ڏسي سم واري پن ۾ لڪي فرار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.