راڻيپور ۾واپاري کان لکين رپيا ڦر، شهرين جو هاءِ وي تي ڌرڻو

راڻي پور(رپورٽ : عامر مهيسر) راڻي پور جي پراڻي ڪارخاني روڊ تي واقع پتيءَ جي ھول سيل جي دڪاندار سيد ممتاز شاھ ۽ سندس ملازمن کي دڪان اندر ٽن نامعلوم ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي کين يرغمال  بڻائي تقريبن 3 کان 4 لک ڪيش، 5 موبائيل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي رھيا ھئا،  تہ سندن سان مذاحمت ڪرڻ تي اتي موجود سيد سڪندر شاھ کي ڄنگھ ۾ گولي ھڻي کيس زخمي ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. جنھن بعد وڏي انگ ۾ اتي موجود دڪاندار ۽ شھري گڏ ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ملڻ باوجود پوليس پنھنجي روايت موجب ڪافي دير بعد جاءِ وارڌات تي پھتي. ٻئي پاسي شھرين يڪجھتي طور شھر ۾ شٽر بند ھڙتال ڪري پنھنجا دڪان بند ڪري اچي قومي شاھراھ تي دستگير گيٽ سامھون نٽھڻ اُس ۾ ٽائرن کي باھ ڏئي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. جنھن سبب قومي شاھراھ جي ٻنھي طرفن کان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي سيد ممتاز شاھ ۽ ٻين ٻڌايو تہ اسين پنھنجي ايجنسي واري دڪان تي ويٺل ھياسين تہ ٻہ نامعلوم ماڻھون اندر آيا. جڏھن تہ ھڪ ڄڻو سندس ٻاھر موٽرسائيڪل تي انتظار ڪري رھيو ھيو.جيڪي اندر آيا انھن اسان مٿان ھٿيار سڌا ڪيا. اسان وٽ موجود 3 کان 4 لک ڪيش مون سميت ملازمن وٽ موبائيل فون ۽ ٻيو سامان کڻي ھنن منھنجي ڀائٽي سڪندر شاھ کي گولي پڻ ھڻي دڪان ٻاھران ھوائي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.   اسين جلد ئي زخمي سڪندر شاھ کي اسپتال پھچايو جتان سندس کي گمبٽ نيو ويو. واقعي جو اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس واقعي واري ھنڌ نہ پھتي. وچ شھر ۾ واقعو ٿيڻ باوجود پوليس ڪو بہ ٻوٽو نہ ٻاريو. شھري پاڻ کي شھر اندر غير محفوظ سمجھڻ لڳا. شھرين وس وارن اعلي اخيتارين کان گھر ڪئي تہ ٿيل ڦر واپس ڪرائي ملوث ماڻھن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. ٻئي صورت ۾ سڀاڻي شھر بند ڪري احتجاج ڪيو ويندو. جڏھن تہ ڌرڻيءِ جو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي خيرپور راڻيپور ڌرڻي واري ھنڌ پھچي متاثر واپاري سيد ممتاز شاھ سان ڳالھايون ڪري کين ٿيل ڦر ۽ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري انصاف فراھم جي خاطري ۽ ڦر واپس ڪرائي ڏني ويندي. جنھن جي خاطريءَ تي ٽن ڪلاڪن بعد لڳل ڌرڻو ختم ڪيو. جڏھن تہ زخمي سيد سڪندر شاھ جي حالت ڪجھ بھتر ٻڌائي پئي وڃي. جيڪو گمبٽ اسپتال ۾ زير علاج آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.