پنو عاقل ۾ هندو مان مسلمان ٿيندڙ عبدالقادر لاڏاڻو ڪري ويو

پنو عاقل ( ت ر )  ڏهه سال اڳ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر هشمت اسلام قبول ڪري نالو عبدالقادر رکيو ويو هو، نالي واري اديب ايس جي  ڀاڳيا جو وڏو ڀاءُ ۽ مشھور ھندو اڳواڻ ڊاڪٽر ھري لعل ڀاڳيا جو سوٽ ڊاڪٽر ھشمت ھڪ ھفتو اڳ کيس جي طبيت خراب ٿي پئي گذريل رات سکر سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو،جنھن جو مڙھ لوڙھي مدرسي پھتو ۽ اتي کيس جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي،آخري رسمون ۾ سندس ويجھن عزيزن جيڪي ھندو برادري سان لاڳاپيل جن  منھن ڏٺو ۽ بعد ۾ تاريخي قبرستان پير ابراھيم شاھ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو،مرحوم جو تڏو لوڙھي واري مدرسي ۾ وڇايو ويو آھي،جتي شھر جي ھر پاڙي کان پري پري جا پھچي تعزيتون ڪري رھيا آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.