شڪارپور ضلعي جي واهن ۽ شاخ ۾ پاڻيءَ کوٽ، آبادگار پريشان

ميان صاحب ( ن ع آ ) شڪارپور ضلعي ۾ آبپاشي کاتي جي  بيگاري ڊويزن ٺُل ۽ چوھِي سب ڊويزن شڪارپور جي انجنيئرن جي لاپرواهي سبب زرخيل شاخ، چوھِي شاخ ۽ دوست واهه شاخ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ شدت  اختيار ڪري ورتو آهي، پاڻي جي کوٽ سبب ھارين جو ساريالو ٻج ۽ فصل سڙڻ لڳا آهن جنھن سبب ھاري سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي پيا آهن، ڳوٺ دوست واهه، ڳوٺ ھيرالدين جعفري ۽ زرخيل جي رھواسي ھارين علي بخش بروهي، ناصر، سائين بخش جعفري، رحيم داد، ڪريم داد، مولابخش ۽ ٻين پاران پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاھرين دانھيندي چيو ته لوڊرا سرڪاري فارم ۾ لڳل سرڪاري سولر واري ٽيوب ويل کي لوڊرا فارم جي جمعدار غلام نبي شر تالو ھڻي بند ڪري انکي ھارين جي زمينن لاءِ بي لاڀ بڻائي ڇڏيو آهي، جنھن جي ڪري ھاري جنريٽر ۽ ھٿن وسيلي زمينن ۽ ٻجن کي پاڻي ڏيڻ تي مجبور ٿي پيا آهن، ھارين آبپاشي جي وزير ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي ته شڪارپور جي  شاخن ۾ وڌيڪ پاڻي ڏنو وڃي ته جئين ساريالو فصل سڙڻ کان بچي سگهي ۽ آبپاشي کاتي جي بيگاري ڊويزن ٺل ۽ چوھي سب ڊويزن جي نااهل انجنيئرن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.