قمبر لڳ نينگر مڇي جي تلاءُ ۾ ٻڏي فوت

قمبر (ڊ ر) قمبر لڳ ڳوٺ گهٽهڙ ۾ پورهيت جاويد علي ٻرڙو جو يارنهن سالن جو نينگر علي حسن ٻرڙو مڇي جي تلا م وجهندي ٻڏي فوت ٿي  ويو سندس لاش ڳوٺاڻن ڪڍي سول اسپتال قمبر پهچايو جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي گهرام مچي ويو، قمبر ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ويڪسينيٽرن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ان موقعي تي عبدالصمد ميمڻ،نعيم لاشاري، شاهد ميمڻ، امر جليل ميرجت، عتيق لاڙڪ، اياز لنجار، اياز گوپانگ ۽ ٻين چيو ته گذريل ارڙهن مهينن ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون پر هيلٿ ڊپارٽمينٽ پگهارون نه ڏئي اسان کي ڦاڪ ڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي.  هنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد پگهارون جاري بحالي جو آرڊر ڏنو وڃي،،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.