ٽنڊي الهيار مان گم ٿيل نينگر جو لاش هٿ، قتل جو شڪ

ٽنڊوالهيار (ڊ ر) ٽنڊوالهيار جي ڀيل ڪالوني مان ٻه هفتا اڳ پراسرار طور گم ٿيل نينگر جو لاش هٿ ۔ ٻارنهن سالا نينگر موتي ڀيل جو نصير ڪئنال مان لاش مليو ۔ لاش ملڻ بعد گهر ۾ روڄ راڙو متل والد پاران  قتل جو شڪ ظاهر خبر موجب ٽنڊوالهيار جي ڀيل ڪالوني مان 2 هفتا اڳ پراسرار طور گم ٿيل نينگر 12 سالا موتي ڀيل جو لاش نصير ڪئنال ۾ لڙهندو ڏسي شهرين پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن بعد پوليس پهچي لاش ڪڍرائي سول اسپتال آندو جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو جڏهن ته نينگر جي والد هوت ڀيل نينگر جي قتل جو شڪ ظاهر ڪندي چيو ته اسان کي شڪ آهي ته منهنجي ٻچڙي کي قتل ڪيو ويو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي پوليس موجب ته اسان پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ خبر پوندي جنهن بعد نينگر جي وارثن جي فرياد تي جنهن تي ڪيس داخل ڪرائيندا انهن تي ڪيس داخل ڪري نينگر جي وارثن جي ڀرپور مدد ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.