مانجهند ويجهو لوهه چوري ڪندڙ 3 جوابدار گرفتار

مانجهند (ن ع آ) کاڻوٺ پوليس مٽياري کان ڪراچي طرف ويندڙ ھاء ٽرانسميشن لائينن جي پولن  مان وڏي تعداد ۾ لوھي پٽيون کولي وڪرو ڪندڙ گروھ جا 3 ڄوابدار گرفتار ڪري 12 مڻ لوهي پٽيون ۽ انهن کي  ڪٽيندڙ اوزار هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي ايس ايڇ او پير الله بچايو منٺار علي جويو ٻڌايو ت  گرفتار جوابدارن ۾ شاهنواز دوست علي غفار ماڇي شامل آھن جڏھن ت 2 اڻڄاتل جوابدار فرار ٿي ويا  جوابدار هاء ٽرانسميشن بجلي پولن مان لوهي پٽيون ڪٽي چوري ڪري رهيا هئا ت ڳجهي اطلاع تي کين سڳ سميت گرفتار ڪيو آھي 5 جوابدارن تي سرڪاري مديعت ۾اي ايس آء غلام مصطفي ڀلائي جي فرياد تي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي وڌيڪ جانچ هلندڙ آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.