ڌاٻيجي ۾سيد برادري جي گهر مان پکي ۾ ٽنگيل لاش ھٿ، قتل جو شڪ

ڌاٻيجي (ن ع آ)  ڌاٻيجي جي علائقي شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني ۾ صبح فجر محل  جاتي واسي 18 ورهين جو نوجوان زبيراحمد ولد امير بخش ٿهيم جو  جاتي واسي سيد برادري   اسماعيل شاهه  جي گهر مان پنکهي مان ٽنگيل لاش ھٿ گهر مالڪن وارثن کي بغير ڪنهن اطلاع جي لاش پوليس کي بغير ڪنهن جي اطلاع جاتي اباڻي ڳوٺ  روانو ڪري ڇڏيو، انهي موقعي تي زبير جي والد  امير بخش ٿهيم  الزام مڙھيندي چيو ته منهجي پٽ کي بيگناھ سيد برادري جي ماڻھن ربنو شاهه، اسماعيل شاهه .عباس شاهه قتل ڪيو آھي، ٻئي پاسي قتل الزام هيٺ آيل ربنو شاهه ٻڌايو ته زبير احمد صبح فجر محل اسان جي گهر ۾ چوري جي ارادي سان گهر ۾ گهڙيو آهي جنهن کي سوگهو ڪرڻ تان دل برداشت ٿي پنهجو پاڻ کي  رئو وجهي ڪري  پنکي ۾ لٽڪي ڪري ڦاهو کائي ڪري  خودڪشي ڪئي آھي  رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ڌاٻيجي غلام علي لاکهو ٻڌايو ته وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آھيون پوسٽ مارٽم جي رپوٽ اچڻ کانپوء وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي  آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.