ڪي اين شاهه ويجهو ٽرالر ڪلٽي، 80 ٻڪريون مري ويون

خيرپورناٿن شاهه ( ن ع آ ) خيرپورناٿن شاه کونهارا پمپ ساهمون انڊس هائي وي تي ڪنڊيارو مان لاهور قرباني جو مال کڻي ويندڙ ٽرالو اوچتو  ٽائر کڏي ۾ لهي وڃڻ سبب ٽرالر ڪلٽي ٿي ڪري پيو جنهن جي نتجي ۾ 80 کان وڌيڪ ٻڪريون رڍون هيٺان اچي ڇيڀاٽجي مري ويون هڪ ڄڻو پيرل گانگهرو زخمي ٿي پيو زخمي ٿيل شخص پيرل گانگهرو ٻڌايو مان ڪنڊياري جو رهواسي آھيان اسان قرباني جو مال لاهور ٽرالر تي کڻي وڃي رهيا هيا سين ته ٽرالر جو ٽائر کڏ ۾ لهي وڃڻ سبب ڪلٽي کائي ڪري پيو جنهن جي نتيجي ۾ سمورو مال مري ويو آھي اسان کي لکين روپين جو نقصان پهتو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.