حڪومتي نااهلي برسات کي زحمت بڻائي ڇڏيو آهي:حليم عادل

گڏاپ (ن ع آ) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته هڪ وقت هو جڏهن ڪراچي ۾  مينهن وسندو ھيو ته ماڻهو جشن ڪندا هئا، سنڌ حڪومت جي نااھلي جي ڪري عوام پريشان ٿي ويندي آھي، ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتي نالا ابتو وھڻ ڪري ڪيترائي علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويندا آھن، ڪراچي جي برساتي نالن کي سھي ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري ھئي، تيرنھن سالن ۾ سنڌ حڪومت ڪراچي جي عوام لاء ڪجھ ناھي ڪري سگھي، گذريل سال وزيراعظم اين ڊي ايم اي جي ذميواري لڳائي ڪراچي ٽرانسميشن پلان تحت گجر نالو، محمود آباد نالو ۽ ڪورنگي نالو وفاقي حڪومت جي ذميواري ۾ آيا، سنڌ حڪومت ڪراچي جي 41 نالن جي صفائي جو ڪم پنھنجي حصي ۾ کنيو ھيو، پنج سو کان وڌيڪ نالا ڊي ايم سي جا سنڌ حڪومت کي صاف ڪرائڻا ھيا،.  اين ڊي ايم اي جي زمي جيڪي نالا آيا ان جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آھي، نالا جي انڪروچمينٽ متاثرين کي ٻن سالن جو ڪرايو وفاق ادا ڪيو، نالا مٿان رھندڙ شھرين کي 15 ھزار جي حساب سان ايڊوانس رقم ڏني وئي آھي، 1324 ملين ڪرائي جي مد ۾ 24 ملين يوٽلٽي جي مد ۾ وفاق ادا ڪري ڇڏيا آھن، وفاق اربين روپيه نالن مٿان خرچ ڪري ڇڏيا آھن، 41 نالن جي صفائي جو ڪم سنڌ حڪومت جي ذميواري آھي، پنج سو ڊي ايم سي نالن جي صفائي جو ڪم به سنڌ حڪومت کي ڪرڻو ھيو، ڪراچي ۾ ھي نالا ٽٽا ته ان جي ذميوار سنڌ حڪومت ھوندي، سنڌ حڪومت چوي ٿي ته بحريه جا پئسا ايندا ته ھو نالا صاف ڪرائيندا ڪراچي جو ھڪ به نالو سنڌ حڪومت صاف ناھي ڪرايو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.