سنڌ ۾ بدامني تي ڳڻتي آهي:جماعت اسلامي

ڪراچي (پ ر ) جماعت اسلامي سنڌ ڪراچي کان ڪشمور تائين امن امان جي خراب صورتحال، ڦرلُٽ، ڀُنگ عيوض اغوا جي وڌندڙ وارداتن  تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته هوءَ امن امان جي قيام ۽ ڏوهن جي خاتمي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري. اهڙن خيالن جو اظهارسنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي قباءَ آڊيٽوريم ۾ صوبائي نظم جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو، اجلاس ۾ مڪاني چونڊن سمڳت سنڌ جي سياسي صورتحال دعوتي ۽ تنظيمي مامرن تي غور ڪيو ويو، صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سيعد شيخ دوره جات جي رپورٽ ۽ فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو پيش ڪيو. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري عوام کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي، وفاق ۾ پي ٽي آءِ ۽ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي آهي،.  سياسي پارٽيون عوام جي اُميدن تي پورو نه لهي سگهيون آهن، پارليامينٽ  ۾ ملڪ ۽ عوام جي ڏکن ڏولاون جي خاتمي لاءِ قانونسازي ڪرڻ بدران سياسي ڇڪتاڻ ۾ وقت ۽ عوام جو پئسو ضايع ڪيو پيو وڃي. اهڙن حالتن ۾ جماعت اسلامي ئي عوام جي اُميدن جو مرڪز آهي، جماعت اسلامي کي ملڪ ۾ جڏهن ۽ جتي به عوام جي خدمت جو موقعو مليو ان ڊليور ڪيو آهي، نعمت الله خان کان سراج الحق تائين اسان جي نمائندن ديانت ۽ امانت سان عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.