مدئجي ويجهو باهه، 4 گهر سڙي خاڪ

مدئجي(ن ع آ) مدئجي ڀرسان ڳوٺ جاني ٻوهڙو ۾ اوچتو لوڙهي کي باھ لڳڻ سبب چئن ڳوٺاڻن علي شير ٻوهڙو، امداد ٻوهڙو ڌڻي بخش ٻوهڙو جا گهر سڙي رک ٿي ويا,باهه دوران گهرن ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن ۾  ڪيهاٽ پئجي ويا  ڳوٺاڻن جو گهرن ۾ پيل هنڌ کٽون اناج ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي خاڪ ٿي ويو جڏهن ته متاثر ڳوٺاڻن  جا گهر سڙڻ ڪري سندن لکين روپين جو نقصان ٿي ويو آهي، هوڏانهن باهه جو اطلاع ملندي ئي فائر برگيڊ عملي پهچي باھ تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻارن کان راند ڪندي لوڙهي کي باھ لڳي وئي جنهن تي اسان جي گهرن کي باهه وڪوڙي وئي باھ تي ضابطو نه اچڻ ڪري گهرن ۾ پيل هنڌ کٽون ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو آهي جنهن ڪري اسان جو لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي ۽ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون متاثر ڳوٺاڻن وس وارن کي اپيل ڪندي چيوته نوٽيس وٺي اسان جي مالي سهائتا ڪئي وڃي,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.