بدامني جو ذميوار پوليس بدران حڪمران ڌر کي سمجهان ٿو: ناصر محمود سومرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) جمعيت علماءِ اسلام ضلعي لاڙڪاڻي جي امير مولانا ناصر خالد محمود سومرو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته لاڙڪاڻي  ۾ وڌندڙ بدامنيءَ جو ذميدار پوليس بدران حڪمران جماعت کي سمجهان ٿو. حڪمران جماعت ۾ گروپ بندي ۽ اختلافن سبب من پسند آفيسرن جي تقرر ۽ تبادلي جي رسا ڪشيءَ ۾ لاڙڪاڻو تباهيءَ جي ڪناري تي پهتو آهي. يقينن هن وقت تائين لاڙڪاڻي جو عوام صفائي، سٿرائي، تعليم، صحت، ترقي ۽ تعمير کان ته محروم رهيو ليڪن هن وقت لاڙڪاڻي مان امن جو پکي اڏامي چڪو آهي جنهن جو ذميدار حڪمران جماعت کي سمجهان ٿو، حڪمران جماعت جي اندر گروپ بنديءَ ۽ اختلافن جي ڪري من پسند آفيسرن جي تقرر ۽ تبادلي جي ڪري هن وقت تائين لاڙڪاڻي جي تعمير ٿي نه سگھي ۽ نه ئي ترقي ٿي سگھي ۽ هاڻي انهيءَ رساڪشيءَ جي دوران پنهنجا من پسند پوليس آفيسر لڳرائڻ جي چڪر ۾ لاڙڪاڻي جي عوام کي بدامنيءَ ۽ لاڙڪاڻي جي شهر کي بدامنيءَ جي ور چاڙهيو پيو وڃي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ آفيسرن جي تقرر ۽ تبادلي تي حڪمران جماعت جي اندر هلندڙ اختلافن سبب لاڙڪاڻي جو عوام پريشان حال آهي مان مطالبو ڪيان ٿو ته فوري طور تي لاڙڪاڻي ۾ امن امان جي قيام کي بحال ڪيو وڃي، عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.