پرڏيهين کي ڪارڊ ڏيڻ ۾ نادرا جو ادارو ملوث آهي:نواز زنئور

پيارو لنڊ (ن ع آ) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آهي ته نادرا پاران 40 لک پرڏيهين کي ڪوڙا ڪارڊ جاري ڪرڻ ۾  رڳو ڪي فرد ملوث نه آهن، پر ان جي پٺيان نادرا جو سڄو ادارو ملوث آهي. اهو نادرا پاران برمين، بنگالين، بهارين ۽ ٻين ڌارين بابت ڊگھي وقت کان هلندڙ ٿڌي ۽ حمايتي پاليسي جو نتيجو آهي،  جنهن جو لکين ڌاريا فائدو کڻندا رهيا آهن. اهو ڪافي ناهي ته رڳو چند آفيسرن کي ملوث قرار ڏئي معاملي مان جند ڇڏائجي، پر لازمي آهي ته ڌارين جا ڪارڊ رد ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار نواز خان زئور نيشنل پريس ڪلب جھنڊو مري ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۾ منظم سازش تحت ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي. بحريا ٽائون سميت مختلف ميگا رهائشي منصوبا به ان سلسلي جي ڪڙي آهن. جن خلاف جدوجهد جاري رکي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي جدوجهد جي نتيجي ۾ قديمي ۽ اصلي ڳوٺن خلاف بحريا ٽائون جي اڳرائين، جارحيت ۽ والار کي ٻنجو آيو آهي. اسان بحريا ٽائون جي اڳرائين ۽ ڳوٺاڻن خلاف تشدد وارين ڪارواين کي روڪيو آهي. نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته ڪوهستان سميت سڄي ساحلي پٽي تي قبضي جون ڪوششون  ٿي رهيون آهن. سنڌ کي دائمي ڪالوني ۾ بدلائڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن، جن خلاف جدوجهد جاري رکنداسين. هن چيو ته پئسا خون يا قتل جو نعم البدل ناهن، دودي ڀيل جي قتل جو انصاف ٿيڻ گھرجي. قومي پارٽي دودي جي قاتلن جي گرفتاري جي گھر ڪري ٿي. ان موقعي تي محمد علي خشڪ، غلام محمد خاصخيلي، غفار جروار، عبدالله ميراڻي، گلشير چانگ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.