غوثپور ۾ مڙس ھٿان قتل ٿيل عورت جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي، جوابدار فرار

غوثپور (ن ع آ)  غوثپور ۾ مڙس ھٿان قتل ٿيل عورت هي قاتلن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي، جوابدار فرار، ايس ايڇ او غوثپور غلام سرور ٻرڙو مختلف ٿاڻن جون پوليس موبائيلون ساڻ کڻي ھڪ ڏينھن مبينه ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ٿيل ڳورھاري ناري شاھده  ڀيو جي قتل ۾ ملوث  جوابدارن جي گرفتاري لا۽ ڪاروائي ڪئي پر جوابدارن کي اڳ ۾ ئي پوليس جو اطلاع ملي ويو ھيو ۽ ھو پنھنجا گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا ھئا۔ پوليس ڳوٺ کي ڪڙو چاڙھي جوابدارن جي گھرن تي پڪٽون قائم ڪري ويھي رھيا آھن۔ رابطي ڪرڻ  تي ايس ايڇ او غوٽپور غلام سرور ٻرڙو  ٻڌايو ته علائقي کي گھيري ھيٺ آڻي گھر گھر تلاشي شروع ڪئي آھي ۔جوابدارن جي گرفتاري تائين ڪاروايون جاري رھنديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.