چڪ ڀرسان قتل ٿيل پرائمري استاد جي پٽن سميت 9 ڄڻن تي ڪيس داخل

لکي غلام شاهه (رپورٽ نديم جان مهر) چڪ لڳ ڳوٺ پيارو خان بروهي ۾ قتل ٿيل پرائمري استاد علي مراد بروهي جي قتل واري مامري ۾ مخالف ڌر جي عورت مسمات گلان خاتون زال رحمت الله بروهي جي سيشن  ڪورٽ ۾ سڌي فرياد لاء ڪيل درخواست تي  عدالتي حڪم  تي چڪ پوليس گناھ نمبر 44/2021 تحت مقتول استاد علي مراد بروهي جي ٻن پٽن عاش علي  امجد علي بروهي ڀاء دلمراد بروهي ڀائيٽين امام الدين بروهي نظرالدين بروهي نويد بروهي مرتضىٰ بروهي ۽ سئوٽن مولابخش بروهي ۽ محمد علي بروهي سميت 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آھي، هوڏانهن مقتول استاد جي وارثن فريادي دلمراد بروهي  امام الدين بروهي ۽ ٻين احتجاج ڪندي  ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدار ڌر قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي پريشان ڪري رهي آھي .اعلىٰ اختياريون نوٽيس انصاف ڏياريو وڃي.ياد رهي ته 20 ڏينهن اڳ معمولي ڳالھ ته رستي جي لنگھ تان ٿيل جهيڙي ۾  صحافي عبدالرزاق بروهي جي سئوٽ پرائمري استاد علي مراد بروهي کي قتل ڪيو ويو هو جنهن جو قتل ڪيس 8 جوابدارن تي داخل ٿيل آھي چڪ پوليس 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪري ڇڏيو باقي جوابدار روپوش بڻيل آھن ۽ جوابدار ڌر گهرخالي ڪري فرار ٿي ويل آھي.

لاڙڪاڻي ۾ ويڪسسينيٽرن کي پگهار نه ملي، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) نيشنل ٽيسٽنگ سروس جي ذريعي صحت کاتي ۾ ڀرتي ٿيل ويڪسينيٽرن گذريل ٻن مهينن جي بند پگهارن لاءِ ڊي ايڇ او آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا شهر جي مختلف روڊن  رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ويڪسينيٽرن فياض حسين گاڏهي، لالا مقيم عباسي، عرفان احمد خاصخيلي، اختر شيخ، رحمت، فيضان ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل ٻن مهينن کان سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي طرفان صوبي جي 1302 ويڪسينيٽرن جون بيگناهه پگهارون بند ڪيون ويون آهن جنهن سبب اسان فاقاڪشي واري زندگي گذرڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون، هن وقت عيد مٿان اچي پهتي آهي پگهارون بند هجڻ سبب اسان عيد جي خريداري کان به محروم آهيون. هنن چيو ته ويڪسينيٽر ڪورونا، ارڙي سميت ٻين موتمار بيمارين خلاف پنهنجيون ذميواريون نڀائي مثالي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، پر سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي اسان جون پگهارون بند ڪري اسان کي مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن پ پ چيئرمين، سنڌ جي وڏي وزير، صحت کاتي جي صوبائي وزير سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي عيد کان اڳ پگهارون جاري ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.