خيرپور ۾نامياري ڪهاڻيڪار نسيم کرل جي 43 هين ورسي تقريب

خيرپور (س ر) خيرپور آرٽس ڪائونسل طرفان سنڌ جي عظيم ڪهاڻيڪار شهيد نسيم کرل جي 43 هين ورسي تقريب بينظير ڀٽو اوپن  ايئر هال خيرپور ۾13جولاءِ اڱاري ڏينهن  منعقد ڪئي ڪئي آهي،جڏهن ته خيرپور آرٽس ڪائونسل جي ميڊيا سيڪريٽري شاهنواز عباسي صحافين کي ٻڌايو ته شهيد نسيم کرل ورسي تقريب ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان شاعر ،اديب ،ليکڪ،صحافي ،دانشورن سميت آفيسر شرڪت ڪندا، ان موقعي تي راڳ رنگ ۽ صوفي محفل منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ مشهور فنڪار سر وکيريندا.

نوابشاهه اسپتال ۾داخل مريضن لاءِ ننگر جو احتمام

نوابشاھ(ڊ ر) سماجي تنظيم يوسفِ زھرا ويلفيئر ٽرسٽ نوابشاھ پاران گذريل 8 مھينن کان پي ايم يو اسپتال ۾ داخل مريضن جي  وارثن لاءِ ننگر جو احتمام ڪيو ويندو آھي يوسفِ زھرا ٽرسٽ ويلفيئر جي اونر زاھد وسطڙو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ اسان جي تنظيم جو مقصد غريب، مسڪين ۽ لاچار ماڻھن جي خدمت ڪرڻ آھي انھي حوالي سان اسان ھر جمعرات تي پي ايم يو اسپتال ۾ ٻين شھرن کان ايندڙ غريب مسڪين ماڻھن لاءِ ننگر جو احتمام ڪندا آھيون ان سان گڏوگڏ شھر ۾ ٿدي پاڻي جون سبيلون پڻ لڳائيندا آھيون ۽ مستحق ماڻھن کي گھر ويٺي راشن بہ ڏنو ويندو آھي ھن چيو تہ اسان گذريل 8 مھينن کان اھو ڪم ڪري رھيا آھيون ۽ ڪوشش آھي تہ اڳتي بہ غريب مسڪين ماڻھن جي ڀرپور مدد ڪنداسين.

خيرپور جو ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم، احتجاج

خيرپور ( ڊ ر ) خيرپور ڀرسان قديمي ڳوٺ عيدن ميتلو بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل، ڊرينج ، مٺو پاڻي ،بجلي گئس سميت بنيادي  سهولتن جي اڻاٺ ، سوين ڳوٺاڻا پريشاني واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل، ضلعي انتظاميان ۽ چونڊيل نمائدن کان بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو، تفصيل موجب خيرپور شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان قديمي ڳوٺ عيدن ميتلو جديد دورا ۾ بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي، هن سلسلي ۾ ڳوٺاڻن ايڊوڪيٽ راجا خان ميتلو، محمد امين ميتلو علي نواز ميتلو ،راهب علي ميتلو ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳوٺ عيدن ميتلو وڏي آباديءَ وارو ڳوٺ هجڻ باوجود انتظاميان ۽ چونڊيل نمائدن جي بي ڌيانيءَ سبب گئس ،بجلي، مٺي پاڻي، ڊرينج سسٽم، روڊ رستن ، سي سي بلاڪ ،پيور بلاڪ سميت بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي، جنهن ڪري سوين ڳوٺاڻا پريشانيءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن، هنن سنڌ جي وڏي وزير، ڊي سي خيرپور، ايم اين اي سيده نفيسه شاهه جيلاني سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ عيدن ميتلو ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪري ڳوٺاڻن کي پريشانين کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.