ميان صاحب ڀرسان سيد ڌرين جي تڪرار جو ڪراچي ۾نبيرو

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڳڙهي سيد ۾ سيد برادريءَ جي سيد جنسار علي شاھ ۽ سيد مختيار علي شاھ جي وچ ۾ ڪافي وقت کان زمين جي مالڪيءَ تان هلندڙ تڪرار جو نبيرو ڪراچي  ۾ مير منظور خان پنهور جي سرپئنچي هيٺ ٿي گذريو جنهن ۾ ٻنھي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد تڪراري زمين بابت سيد جنسار علي شاھ جي دعوا درست ثابت ٿيڻ بعد زمين سندس کي ڏياري وئي نبيري ۾ ايم پي اي شهريار خان مهر ، ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي ، ڊاڪٽر سهراب سرڪي ۽ ٻيا شامل هئا .

ڊي آءِ جي  ۽ ايس ايس پي  درياخان مري ٿاڻي پهتا

دريا خان مري ( ن ع آ ) ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز الطاف لغاري درياخان مري ٿاڻي تي پهتا ڊي آءِ جي عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي الطاف لغاري ھڪ هفتو اڳ قتل ڪيل وڳڻ  برادري جي وارثن سان ملاقات ڪئي، وڳڻ برادري پاران سڀاڻي اعلانيل ڌرڻو ملتوي ڪري ڇڏيو ڊي آءِ جي عرفان بلوچ چيو ته نوشهري فيروز ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال ايتري خراب ناهي جيڪا ٻڌائي پئي وڃي، ھن چيو ته وڳڻ برادري جي قتل ڪيل چئن ڄڻن جا جوابدار ٻن ڏينهن اندر گرفتار ڪنداسين ھڪ سوال جي جواب م ڊي آءِ جي عرفان بلوچ چيو ته شهيد عزيز ميمڻ قتل ڪيس جي جاچ ڀلي وفاق به ڪري ڪيس ۾ رهيل ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ منهنجي ذميواري آهي شهيد عزيز ميمڻ ڪيس ۾ رهيل ٻن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي اٿئون جيڪا پنھنجو ڪم ڪري رھي آھي مقتولن جي وارثن حسين بخش وڳڻ الھرکيو عرف ڪالو وڳڻ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي ٻڌايو ته 4 ڄڻن جي قتل م ملوث 15 جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ھن مھل تائين ھڪ به جوابدار کي گرفتار ناھي ڪري سگھي

ڪنب ۾ وين جي ٽڪر  ۾ نينگر زخمي

ڪنب(رپورٽ: خدا بخش تمراڻي )ڪنب شھر ۾ روڊ ڪراس ڪندي بيڪري تي مزدوري ڪندڙ نينگر ڪيري وين جو ٽڪر لڳڻ سبب زخمي  ،اسپتال داخل، ڪنب شھر ۾ اولڊ نيشنل هاءِ وي تي  تيز رفتار ڪيري وين جي  ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ روڊ پار ڪندڙ بيڪري تي مزدوري ڪندڙ پورهيت نينگر ڪامران ڀٽي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال گمبٽ  داخل ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.