حيدرآباد ۾ ڪمپني جي مئنيجر کان ڦر

حيدرآباد(رپورٽر) سائيٽ واري علائقي ۾ ڦورو خانگي ڪمپني جي مئنيجر کان لکين رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته سائيٽ ٿاڻي  جي حد آٽو ڀان روڊ تي موٽرسائيڪل تي سوار ٻن ڦورن خانگي ڪمپني جي مئنيجر فيصل کي يرغمال بڻائي 56 لک رپيا روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪيو ۽ آساني سان فرار ٿي ويا. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته بالي ووڊ مارٽ ڀرسان ڦورن کيس يرغمال بڻايو ۽ ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. پوليس ذريعن تصديق ڪئي ته مئنيجر ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آهي. پر پوليس واقعي کي مشڪوڪ قرار پئي ڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.