گپچاڻي ڀرسان روڊ حادثو، پوليس اهلڪار فوت

گپچاڻي ( رپورٽ : عنايت بروهي) گپچاڻي ڀرسان روڊ حادثو نواب شاھ واسي پوليس اهلڪار موقعي تي فوت لاش نواب شاھ اسپتال نيو ويو خبر موجب گپچاڻي ڀرسان سانگھڙ نوابشاھ روڊ تي ڪنڊي اسٽاپ وٽ تيزرفتار موٽرسائيڪل وڻ سان ٽڪرائجي ويو نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار گپچاڻي جو پوليس اھلڪار جمشيد اسحاق جٽ موقعي تي فوت ٿي ويو  پوليس اهلڪار جو لاش نواب شاھ جي پي ايم يو اسپتال نيو ويو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيوويو جڏهن تہ  پوليس اهلڪار جمشيد اسحاق جٽ گپچاڻي ٿاڻي کان ڊيوٽي ڪري نوابشاھ پريڊ ٽريننگ لاء وڃي رهيو هو ته ساڻس حادثو پيش آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.