خيرپور ويجهو سئلينڊر ڌماڪو، 3 ڄڻا زخمي

خيرپور (رپورٽ: مختيارڦلپوٽو ) خيرپور بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪاروباري مصروف علائقي اسٽيشن روڊ نم موڙ ڀرسان ايل پي جي  گئس سلينڊر جي دڪان ۾ گئس سلينڊر اچتو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي جنهن جي ۾ 3 دڪاندار پورهيت باهه ۾ سڙي زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ غلام شبير ، محمد هاشم ، ۽ ارمان علي ڦلپوٽو شامل آهن، اطلاع تي علائقي واسين موقعي تي پهچي زخمين کي ابتدائي طبي امداد لاءِ سول اسپتال خيرپور جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، گئس سلينڊر جي باهه جا ڇولا اڏامڻ سبب ڀرواري مرغي شاپ کي به باهه پنهنجي لپيٽ هيٺ آڻي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ سوين فارمي مرغيون سڙي مري ويون، جنهن سبب دڪان مالڪ جو لکين روپين جو نقصان ٿي ويو، هوڏانهن سڙي زخمي ٿيلن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ياد رهي ته خيرپور ۾ گئس سينڊر جو ڦاٽڻ معمول بڻيل آهي، ڪجهه عرصو اڳ هڪ نجي هوٽل تي گئس سلينڊر جي ڦاٽڻ سبب ڪيترائي پورهيت زخمي ٿي پيا هئا، جن مان هڪ پورهيت زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو هيو، هن سلسلي ۾ خيرپور جي شهرين جو چوڻ آهي ته گئس سلينڊر جي دڪانن تي ايس او پيز تحت عمل نه ڪرڻ سبب اهڙا افسوس ناڪ واقعا رونما ٿي رهيا آهن پر انتظاميان ڪاروائي بجاءِ خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.