خانواهڻ ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ، شهري اتحاد جي سڏ تي شٽربند هڙتال، ڌرڻو

خانواهڻ  ( ن ع آ ) خانواهڻ شهر ۽ ڀرپاسي جي 50 ڳوٺن ۾ روزانو بجلي جي 22 ڪلاڪ ناجائز لوڊشيڊنگ ڪرڻ خلاف شهري اتحاد خانواهڻ جي سڏ تي شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جنهن سبب  شاهي بازار ، صرافه بازار، ريشم گهٽي ، اناج منڊي، سيد چوڪ، ڪونڌر چوڪ سميت سڀ ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته سوين شهرين ۽ دڪاندارن شاهه لطيف ڪالوني کان زبردست احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا عيد گاهه چوڪ تي پهتي، جتي ٽائرن کي باهيون ڏئي ۽ سيپڪو جي ناجائزن خلاف سخت نعري بازي ڪئي، بعد ۾ شاهي بازار ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو جتي اڳواڻن منظور عباسي ، غلام ڪبريا ڪونڌر ، سيد عاشق علي شاهہ ، وقار ڪونڌر ، غلام نبي سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سيپڪو عملدارن سخت گرمي ۾ شهرين سان ويڌن ڪري ڇڏي آهي، بل پيارڻ باوجود خانواهڻ شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ روزانو 22 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب ڪاروبار مڪمل ٺپ ٿي ويو آهي، سخت گرمي ۾ بجلي جي بندش سبب شهري عذاب واري زندگي گهاري رهيا آهن، احتجاجي تحريڪ تيستائين جاري رکي ويندي جيستائين ناجائزن جو سلسلو بند نه ٿو ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.