شهيد غلام قادر ملاح جي نائين ورسي، سڪرنڊ ۾تقريب

سڪرنڊ (ن ع آ) سنڌ جي ارڏي ڪردار ۽ سماج سڌارڪ صحافي شهيد غلام قادر ملاح جي نائين ورسي سنڌ ڪلچرل فورم پاران تعزيتي  ميڙاڪو سڪرنڊ ميڊيا سينٽر آفيس ۾ ڪوٺايو ويو. کيس لفظن ذريعي ڪيل جدوجهد تي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. سياسي سماجي اڳواڻن جي وڏي انگ ۾ شرڪت. تعزيتي ميڙاڪي کي سنڌ ڪلچرل فورم جي اڳواڻ سارنگ ملاح چيو ته غلام قادر ملاح ارڏو انسان هو. حق جي راهه تي هلندي شهادت ماڻي. شهري اتحاد جي سرپرست سيد احسان علي شاهه چيو ته هو شهر جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان رهندو هو. پاڪستان چوهاڻ اتحاد جي چيئرمين غلام نبي چوهاڻ چيو ته بهترين ڪردارن کي ياد ڪرڻ زنده قومن جي نشاني آهي سچ ڳالهائڻ تي کيس شهيد ڪيو ويو. ميڊيا سينٽر سڪرنڊ جي صدر قربان عمراڻي چيو ته غلام قادر ملاح اسان جو اثاثو هو. هو سچو انسان هو. الخدمت اڳواڻ راشد مڪرم چيو ته هو هميشه ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪندو هو. سينيئر صحافي سائل لاکو چيو ته ڪردار هميشه لاءِ زنده رهندا آهن.  نور الدين ڪيريو  چيو ته هو عوام لاءِ پاڻ پتوڙيندو هو ايس يو پي اڳواڻ قلندر بخش ملاح چيو ته ملاحن سان گڏ سنڌ جي ماڻهن جي ڏکن سورن ۾ گڏ هوندو هو. سماجي اڳواڻ شمشاد ملاح چيو ته شهيد جو مقام اعليٰ آهي. جسقم اڳواڻ ساگر ايوب ملاح چيو ته پوري سنڌ جي غريب مسڪينن جو ڀرجهلو هو. سنڌ سجاڳ فورم جي اڳواڻ مجيد عباسي چيو ته هو سچ جي راهه تي هلندي شهيد ٿي ويو. سندس ڪردار هميشه لاءِ ياد رکيو ويندو. ان موقعي تي علي شير چانڊيو ، پ پ شهيد ڀٽو جي نظير عمراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.