ٽنڊي مستي واسي مغوي جي وارثن کان 8 لک ڀنگ طلب

ٽنڊومستي (رپورٽ : طاهر بروهي )  ٽنڊو مستي لڳ ٽي ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تان هرکجي اغوا ٿيل ڳوٺ ولي ڪانڌڙو واسي  2 مغوي  پورهيتن مسعود ڪانڌڙو. ۽ مختيار ڪانڌڙو جي  وارثن کان ڌاڙيلن مغوين جي موبائيل فون تان ڪال ڪري سندن جي آزاديءَ جي عيوض اٺ لک رپيا ڀنگ طلب ڪري ورتا ۽ رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوين کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي جنهن کان پوءِ مغوي مسعود احمد ڪانڌڙو جو چاچو دين محمد ڪانڌڙو پريس ڪلب ٽنڊو مستي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ٽي ڏينهن اڳ ٻئي ڄڻا گهران مزدوري لاءِ خيرپور ويا ته واپس نه موٽيا انهن جا فون به بند ٿي ويا هئا جنهن جي پوليس ٽريسنگ ذريعي خبر لڳائي هئي ته پورهيت عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا  ٿيا آهن جنهن کان پو۽ اڄ ڌاڙيلن اغوا ٿيل پورهيت جي  فون نمبر تان ڪال ڪري اٺ لک رپيا ڀنگ طلب ڪندي انهن پڻ ڌمڪي ڏني آهي.  ته رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ پورهيتن کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي ان موقعي تي هن احتجاجي مظاهرو ڪندي ايس ايس پي خيرپور کان مغوين کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.