سيوهڻ ۾کوسا برادري جو بااثرن خلاف احتجاج

سيوهڻ(ن ع آ ) سيوھڻ جي يوسي بوبڪ جي ڳوٺ  شير محمد کوسو جي عورتن مردن پاران معصوم ٻارڙن سميت پريس ڪلب سيوھڻ پھچي  چانڊيا برادري جي ماڻهن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري  نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين شير محمد کوسو, رضا محمد کوسو, عطا محمد کوسو, نيڪ محمد کوسو, غلام نبي کوسو, لکمير کوسو, پريل کوسو, عباس کوسو ۽ ٻين الزام لڳائيندي چيو ته 15 ڏينهن اڳ نيو بس اسٽاپ سيوھڻ ڀرسان صوف چانڊيو جي گهران چوري ٿي ھنن ڪتا گهرائي پيرا کڻي اسان جي هڪ ماڻهون دادن کوسو کي چوري جي شڪ ۾ پوليس ھٿان گرفتار ڪرايو آھي, جڏھن ته صوفن ۽ گل حسن چانڊيو بااثرن جي چوڻ تي 5 هٿيار بندن سميت اسان جي دڪان تي حملو ڪري ويٺل همراه کي اغوا ڪري 50 هزار پڻ کڻي ويا ۽ اسان کي موتمار ڌمڪيون پڻ ڏئي رھيا آھن..  ھنن آئي جي سنڌ, ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ ۽ ڄاڻايل جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.