اڏيري لال ۾ واپاري پينو فقير عورت کي ڦري ويو

اڏيرولال (ن ع آ) در در وڃي پيٽ گذر لاءِ هٿ ڦهلائيندڙ پينڙائو فقيرن کي به مقامي جانورن جي واپاري ٺڳي ورتو، تازا ڄاول مينهن جا ڦر 25 هزار  ۾ پينڙائو فقيرن کي وڪرو، هڪ پاڏي رستي ۾ فوت، ٻي جي علاج لاءِ جانورن جي اسپتال پهتا، ڊاڪٽر پاران جواب ڏيڻ کانپوءِ بيمار پاڏي سميت پريس ڪلب پهچي مقامي واپاري خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته مال جي مقامي واپاري يوسف سنجراڻي هنن کي تازيون ڄاول ٻه پاڏيون 25 هزار ۾ وڪرو ڪري ڏنيون، هنن ٻڌايو ته پاڏيون خريد ڪري واپس وڃي رهيو هيس ته هڪ پاڏي رستي ۾ مري وئي ۽ ٻي بيمار آهي. هن چيو ته مقامي واپاري اسان کي سنهري خواب ڏيکاريا ۽ چيو ته هي پاڏيون وڏيون ٿينديون ته اوهان کي ڇهه لک رپيا ملندا. هنن چيو ته اسان سموري ڄمار هٿ ٽنگي ٽنگي 25 هزار گڏ ڪيا جيڪي به ٺڳجي ويا. عورت ٻڌايو ته يوسف سنجراڻي اسان سان ٺڳي ڪئي آهي ۽ هاڻ اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ مونکي گارگند ڪري منهنجا ڪپڙا پڻ ڦاڙي ڇڏيا آهن. هن ايس ايڇ او محبوب شاهه، ايس ايس پي مٽياري ۽ ٻين وس وارن کان نوٽيس وٺي واپس واپس ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.