هڪ رول ماڊل خاتون جي سنجيده آپ بيتي

تحرير: يوسف سيف

”جان جان هئي جيئري….“ نالي سان تازو شايع ٿيل ڪتاب قابل احترام اسڪالر ڊاڪٽر فهميده حسين جي ”آتم ڪٿا“ تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحبه سندس زندگيءَ ۾، ان کان اڳ سندس خاندان ۽ ان کان به ٿورو اڳ سندن وڏڙن جي صورتحال، زندگيءَ، تڏهوڪي ٻهراڙيءَ، اتي جي ريتن، رسمن ۽ گڻن، اوگڻن ۽ معاشرتي قدرن جي تصوير پيش ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ سندس والد محترم ۽ پنهنجي ڀاءُ جي Vision ۽ خوابن، گڏوگڏ انهن خوابن/ سپنن جي تعبير لاءِ پنهنجي ۽ خاندان جي ٻين ڀاتين جي جدوجهد، جاکوڙ ۽ محنت جو به ذڪر ڪيو آهي.  هُن، سهولتن کان محروم ڳوٺ ۽ اتان کان سفر ڪندڙ هڪ خاندان جي اوسر، ان جي تڪليفن ۽ ان جي حاصلات کي به لفظن ۾ بهترين طريقي سان چٽيو آهي.

ڊاڪٽر صاحبه ممڪن حد تائين جيڪا ڳالهه لکڻ چاهي آهي، ان کي بي ڊپائي سان لکي ڇڏيو آهي. جنهن ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون، قصا ۽ واقعا به آهن، جن جي هو واحد شاهد هوندي به پاڻ انهن کي ”آتم ڪٿا“ ۾ داخل ڪيو آهي. ڪي اهڙا حادثا به هوندا جن جا ڪيترائي گواهه هوندا، انهن کي پڻ ڪتاب ۾ جاءِ ڏنل آهي. سندس ڪي کريون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان شايد ڪي نوان بحث به هلي پون پر، اهي سڀ هن پاڻ شعوري طور تي ئي ڪتاب جو حصو بنايون آهن.

ڊاڪٽر صاحبه جي پنهنجي لفظن ۾ هي ”آتم ڪٿا“ تسلسل ۾ هلندڙ هڪ ناول جيان آهي. جنهن ۾ سندس ٽي هيروز، سندس والد صاحب، وڏو ڀاءُ ۽ سندس گهروارو آهن.

چڱن خاصن صفحن تي ڦهليل هي آتم ڪهاڻي، دراصل ليکڪا جي هن ڌرتيءَ تي وجود وٺڻ کان اڳ شروع ٿئي ٿي، جيڪا ڪتاب جي آخري صفحي جي پوري ٿيڻ کانپوءِ به پڄاڻي تي نٿي پهچي. بلڪه اها جاري آهي، جاري رهندي. هر پڙهندڙ ڪا ڪهاڻي پڙهڻ وقت ٻن ڪهاڻين، ٻن قصن جي وچ ۾ هلندو رهندو آهي. هڪڙي ڪهاڻي جيڪا هو پڙهي رهيو هوندو آهي، ٻي ان جهڙي يا ان سان ملندڙ جلندڙ جيڪا هن جي ذهن ڏٺي يا ٻڌي هوندي آهي. سا به ذهن ۾ هَرندي، هلندي رهندي آهي.

ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه پنهنجي خاندان جو تفصيل سان احوال لکندي، ان دور جي حالتن، ٻهراڙيءَ جي مسئلن، هڪ وچولي خاندان جي تڏهوڪين ريتن، رسمن، سماجي اصولن جو ذڪر ڪيو آهي. ٻهراڙيءَ جي حالت ۾ هاڻي به ان لحاظ سان ڪو فرق نه آيو آهي،. سواري لاءِ اڳي اٺ هوندا هئا، گهوڙا هوندا هئا، ٽانگا هوندا هئا، هاڻ ان جي جاءِ موٽرسائيڪلن، چنگچي يا آٽو رڪشا ورتي آهي. پر فڪري طور تي ايترو فرق نه آيو آهي. ڪي ٿورا پڙهيا لکيا ماڻهو زرعي سماج جي ريتن رسمن مان جان ڇڏائي سگهيا آهن. ڳوٺاڻي ماحول ۾ پنهنجي ذات وارن کان ٻاهر شادي ڪرڻ کي اڄ به سٺو نٿو سمجهيو وڃي. ممڪن حد تائين شاديون خاندان ۾ ڪرايون وڃن ٿيون. ادلي بدلي جو رواج اڄ به هلندڙ آهي.

ڊاڪٽر صاحبه لکيو آهي ته عورت جو وجود هڪ ننڍڙي ڪائنات آهي. يقينن ائين آهي ڏند ڪٿائن تي ڪا جوڳي تحقيق ٿئي ته ابتدا وارين ديوين جي ٿيندڙ پوڄا مان ڪي بنيادي نتيجا ملي سگهن ٿا. ائين عورت، خالق جو درجو رکي ٿي. ڊاڪٽر صاحبه خواتين جي طنز، ٽوڪ ۽ پاراتن جي بيان دوران شعوري طور تي، ٻهراڙيءَ وارو ٺيٺ، نج سنڌي لهجو پڻ پنهنجي لکڻين ۾ پويو آهي.

ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي ته، سندس والد محمد يعقوب ”نياز“ تي سندس ڏاڏي جو نالو رکيل آهي. جنهن لاءِ هن وڌيڪ لکيو آي ته روايت آهي ته سندس ڏاڏو پاڻ ”مير عبدالحسين سانگي“ جو استاد هو. ڊاڪٽر صاحبه جي ان ڳالهه مان ڪو اهو مطلب ڪڍي سگهي ٿو ته ”ٻار تي نالي جو به اثر ٿيندو آهي“ڪيترائي ڪٽنب پنهنجن وڏڙن جا نالا پنهنجي اولاد تي رکندا آهن.سائنس پونئيرن جي ڪيترين ئي عادتن، بيمارين، مثبت ۽ منفي اثرن جي منتقليءَ کي ثابت ڪيو آهي.

ڊاڪٽر صاحبه لکيو آهي ته سندس والد ”نياز“ تخلص علامه نياز فتح پوريءَ کان متاثر ٿي رکيو هو. علامه نياز فتح پوري پنهنجي دور جو وڏو عالم ۽ فاضل رهيو آهي.

ماڻهو ۾ تبديلي نون خيالن، نين سوچن سان اچي ٿي. ان لاءِ ان دور جي سمورن وسيلن مان، سائين محمد يعقوب ”نياز“ صاحب استفادو ڪيو. جنهن پنهنجا خيال ۽ سوچ وري پنهنجي پٽن ۽ نياڻين ۾ منتقل ڪئي. جتان هن ڪٽنب جو فڪري ۽ روشن خيالي وارو سفر شروع ٿيو.

”آتم ڪٿا“ هوندي ته ڪنهن جي ذاتي زندگيءَ جي واقعن، حادثن جي داخلا آهي پر ان دور جي حالتن، ماحول ۽ وايو منڊل جو نقش به ان سان گڏوگڏ هلندو رهندو آهي. حسن درس جي لفطن ۾”هر ماڻهوءَ جي من ۾ هڪڙو دور نچي ٿو، هر هڪ دور پرولي آهي“ اهو دور ليکڪا تفصيل سان پنهنجن لفظن ۾ اثرائتي نموني بيان ڪيو آهي.

جيڪو ڪجهه گذري وڃي ٿو، جيڪو ڪجهه ٿي وڃي ٿو، ان کي ڪڏهن به ڪٿي به هوبهو ورجائي سگهڻ ممڪن ناهي، جنهن کي ليکڪ هڪ حد تائين لفطن جي روپ، سروپ ۾ پيش ڪري سگهي ٿو. ان ڪري ئي چئبو آهي ته هڪ سٺو پاٺڪ هڪ حياتي ۾ ڪيتريون ئي حياتيون جيئي ٿو.

جيتوڻيڪ هرڪو پنهنجي ويجهن مٽن، مائٽن، رت جي رشتن، ايڊاپٽ (Adapt) ڪيل رشتن سان سلهاڙيل هوندو آهي. بظاهر ڪوبه اڪيلو نه هوندو آهي، تڏهن به ڪيترن ئي هنڌن ۽ مرحلن تي انسان کي ويڙهه اڪيلي سر وڙهڻي پوي ٿي.هر سوچيندڙ ۽ ڀوڳيندڙ گهڻن سان گڏ هوندي به اڪيلو هوندو آهي. هو حالتن سان وڙهندو آهي، حالتن هٿان ڦٽجندو آهي، گهائل ٿيندو آهي، جن سان مقابلو ڪندو آهي، انهن حالتن کي شڪست ڏيندو آهي.

هن ”آتم ڪٿا“ ۾ ڊاڪٽر صاحبه جي حالتن سان مقابلي جا عڪس پڻ آهن، جنهن بابت هر پڙهندڙ پاڻ راءِ جوڙي سگهي ٿو.

ماهر چون ٿا ته ٻار اهوئي ڪندا، جيڪي وڏا ڪندا. ٻار ائين نه ڪندا جيئن وڏڙا هنن کي چوندا. سو ڊاڪٽر صاحبه ۽ سندس خاندان پنهنجي ٻارن کي نصيحت جي جاءِ تي پاڻ عملي طور مثالي ڪردار بڻجي ڏيکاريو. جنهن سان پوين ايندڙن لاءِ نوان گس جڙي پيا.

ليکڪا پنهنجي ”آتم ڪٿا“ ۾ زندگيءَ جي سفر ۾ ايندڙ اهم موڙ، لاءِ جدا جدا موضوع ڏنا آهن هر باب /حصي ۾ پڙهندڙ لاءِ هڪ کان وڌيڪ ڪهاڻيون، قصا، ڪيفيتون ۽ احساس آهن، ڊگهي سفر لاءِ ڪجهه ايڊوينچر جو سامان پڻ هن ڪتاب ۾ موجود آهي.

ڪو پڙهندي پڙهندي ساهيءَ پٽڻ لاءِ اڃان سوچيندو ئي مس ته ڪو نه ڪواهڙو واقعو اچي ويندو، جيڪو ريڊر کي وري وڌيڪ ڌيان سان پڙهڻ جاري رکڻ تي مجبور ڪندو.

ليکڪا پنهنجي ڪتاب ۾ 180 کان 183 صفحي تائين اردو ادب جي ابتدائي فڪري پاسي تي هڪ مڃيل ۽ پختي راءِ ڏني آهي ته ان ادب جو مطلب”نيڪ خاتون“ پئدا ڪرڻ هو. ورهاڱي کان ٿورو اڳ مذهبي رنگ ۾ اردو لکندڙن جي هڪ ڊگهي لاٽ، هڪ خاص پروجيڪٽ شروع ڪيو هو، جيڪو روائتي ”زنانا“ موضوع هيٺ هلندڙ هو.

هي ”آپ بيتي/ آتم ڪٿا“ هڪڙي ننڍڙي نينگريءَ، هڪ سلڇڻي شاگردياڻي، هڪ لائق ۽ قابل فخر ڌيءَ، ڀيڻ جي آتم ڪهاڻي آهي، هي هڪ اهل استاد، هڪ منظم منتظم ۽ ڪيترن ئي ادارن جي سربراهه جي به ڪٿا آهي. هن ڪٿا ۾ ليکڪا منزل تائين پهچڻ لاءِ جيڪو سفر ڪيو آهي، ان سفر کيس ”سخت“مزاج واري ماءُ بڻائي ڇڏيو آهي جنهن کي به پاڻ هن ڪتاب ۾ سندس ٻارڙن جي زبانا پيش ڪيو آهي.

ليکڪا ”ڪتاب“ پنهنجي اولاد جي اولاد جي نالي منسوب ڪيو آهي اهو انسان لاءِ انتهائي فخر ۽ بي پناهه خوشي جو مقام هوندو آهي. جنهن سان اندر کي ملندڙ اطمينان، آسيس کي رڳو ڏاڏو، ڏاڏي ۽ نانو، ناني ئي محسوس ڪري سگهندا آهن. ان سان پنهنجي وجود جي تسلسل سان گڏ، پنهنجي ننڍپڻ جي ورجاءَ جو پڻ وڻندڙ گمان ٿيندو آهي. انسان پنهنجي گم ٿيل ننڍپڻ کي ائين ڳولي وٺندو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.