آمريڪي فوج جي نڪرڻ کان پوءِ افغانستان جي صورتحال 

تحرير: علي ٿهيم

ويهن سالن جي لاڳيتي ويڙھ کان پوءِ  آمريڪا کي افغانستان مان رات جي اونداهي ۾ ڀڄڻو پيو ، آمريڪا بهادر جيڪو سڄي دنيا ۾ جنهن تي چاهي ٿو حملو ڪري ان ملڪ جا بخيا اڊيڙي ڇڏيندو آهي ، گذريل ٽن ڏهاڪن کان مسلمان ملڪ سندس نشاني تي رهندا آيا آهن ، عراق ، لبيا ، شام ، افغانستان ، ايران ، آمريڪا جي ٽارگيٽ تي رهيا ايران کي ڇڏي باقي ملڪن ۾ آمريڪا جنگيون مڙهي لکين بي گناھ مسلمانن جو قتل عام ڪيو .

آمريڪا پاران 9/11 واري واقعي جو جواز ٺاهي آمريڪا تقريبن 32 اتحادي ملڪن سميت افغانستان تي حملو ڪيو ، شروع واري عرصي ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جشن پئي ملهايا ته اسان افغانستان کي فتح ڪري ورتو آهي ، پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تيئن تيئن طالبان جيڪي وقتي طور حڪمت عملي تحت انڊر گرائونڊ ٿي ويا هئا انهن ٻاهر نڪري تڪبر ۾ ڀريل آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن جي نيٽو فوج تي ڇاپا مار جنگ جي شروعات ڪري ڇڏي ، طالبان شروعاتي ڏينهن ۾ محدود ڪارروايون ڪندا رهيا ۽ پاڻ کي منظم به ڪندا رهيا ، طالبان جڏهن آمريڪا ۽ اتحادي فوجن خلاف ڇاپا مار ڪارروايون شروع ڪيون ته دنيا جي وڏن وڏن دانشورن پاران طالبان کي بي وقوف ، ڪوٺيو ويو ، دنيا اهو چوندي رهي ته آمريڪا جهڙي ملڪ آڏو طالبان ڪابه حيثيت نٿا رکن ، پر افغانستان جي زميني حالتن کي ڏسي عقلمندن اهو پئي چيو ته طالبان ڀلي افغانستان فتح نه ڪن پر هو آمريڪا کي پريشان ڪندا، ڇوجو آمريڪا ۽ اتحادي فوجن پاران طالبان جي خلاف هوائي حملا پئي ڪيا زميني جنگ نه ڪئي هئي جنهن مان اندازو لڳايو پئي ويو ته آمريڪا يا اتحادين جون فوجون زميني جنگ جي قابل نه آهن ، انهن اتحادي فوجن جي بزدلي مان طالبان وڏو فائدو حاصل ڪيو ۽ انهن ڇاپا مار جنگ کي تيز ڪري ڇڏيو.

ان دوران آمريڪا افغان فوج ٺاهي ان جي تربيت تي اربين ڊالر خرچ ڪيا انهن کي اربين ڊالرن جو جنگي سامان ڏنو ، آمريڪا کان سواءِ هندوستان به افغانستان ۾ وڏو پئسو خرچ ڪيو ، هڪڙي پاسي جديد هٿيارن ، جديد جنگي جهازن ، ٽينڪن سان ليس فوجون هيون ته ٻئي پاسي صرف ڪلاشن ڪوف سان ڇاپا مار جنگ ڪندڙ طالبان هئا ، انهن الله تي ڀروسو رکي ميدان جنگ ۾ ٽپو ڏنو ۽ افغانستان ۾ پنهنجا پير پختا ڪرڻ لڳا ، ڪجهھ سالن کان پوءِ  طالبان افغانستان ۾ وڏي قوت بڻجي اڀريا ۽ انهن آمريڪا ۽ اتحادين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو ، حالت اها وڃي پهتي جو طالبان جي خوف کان آمريڪا ۽ اتحادي فوجي ذهني مريض بڻجي ويا ڪن خودڪشيون ڪيون اها صورتحال آمريڪا ۽ اتحادين لاءِ  پريشان ڪن هئي ، ويهن سالن جي ويڙھ باوجود دنيا جي سپر پاور آخر گوڏا ٽيڪڻ شروع ڪري ڇڏيا.

آمريڪا پاران افغانستان مان نڪرڻ لاءِ  پاڪستان آڏو دانهون ڪيون ته اسان کي محفوظ رستو وٺي ڏيو ته اسان افغانستان مان نڪري وڃون ، طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ قطر ۾ ڳالهيون ٿيون امن معاهدو ٿيو ، امن معاهدي کان پوءِ  طالبان آمريڪي فوج سان جنگ بند ڪري ڇڏي پر افغان فوج سان جنگ جاري رکي آمريڪا جي پسپائي کان پوءِ  طالبان جي همت ۾ اضافو ٿيو ۽ افغان فوج جو مورال ايترو ته ڊائون ٿيو جو هزارين افغان فوجين طالبان آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ائين طالبان افغانستان جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ حصي تي قبضو ڪري چڪا آهن ، افغان فوج وٽ صرف ڪجهھ وڏا شهر وڃي بچيا آهن جن جي چئني پاسن کان طالبان روڊن تي قبضا ڪري رستا بند ڪري ڇڏيا آهن ، طالبان صرف آمريڪي فوج جي مڪمل واپسي جي انتظار ۾ آهن، ان ڪري شهرن ۾ اڃا داخل نه پيا ٿين .

طالبان آمريڪي هٿيارن جي وڏي ذخيري تي به قبضو ڪيو آهي، گاڏيون به هٿ ڪيون آهن ، آمريڪا پاران چيو پيو وڃي ته افغانستان ۾ هاڻي جيڪو ڪجھ به ٿيندو اسان واپس نه اينداسون افغاني ڄاڻن پاڻ ۾ پنهنجي اصل الله واهي آهي ،آمريڪا جهڙي طاقتور ملڪ کي 32 اتحادي ملڪن سميت جنهن انداز سان طالبان پاران سندس واپسي ڪئي ويئي آهي هاڻي انهن جو افغان سر زمين تان ارواح ئي کٽو ٿي ويو آهي هو واپس ڪڏهن به افغانستان اچڻ کان توبهه ڪندا هو رات جي تاريڪي ۾ فرار ٿي چڪا آهن ، هندوستان به پنهنجن فوجين ، را ايجنٽن سفارتي عملي کي جهازن ۾ کڻي نڪتو آهي ويندي ويندي پنهنجن ناڪامين جا الزام پاڪستان تي هڻي پاڻ تي لڳل ڪاراڻ کي ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي پر اها ڪاراڻ تاريخ جو حصو بڻجي چڪي آهي ، اها ڪاراڻ تاحيات نه ڌوپي سگهجندي.

آمريڪا افغانستان تي جيڪو حملو ڪيو هو اهو ورلڊ ٽريڊ سينٽر جو جواز ڄاڻائي ڪيو ويو هو جنهن جو مقصد اهو هو ته افغانستان تي قبضو ڪري هتي مستقل اڏا ٺاهي هتان سڄي ايشيا کي ڪنٽرول ڪري پر آمريڪا اهو وساري ويٺو هو ته افغانستان جي ڌرتي تان دنيا جي ٻي وڏي سپر پاور روس سان هتي جيڪو حشر ٿيو ۽ روس ٽٽي تباھ ٿي ويو ، آمريڪا جي به افغانستان ۾ وڏي بربادي ٿي آهي ، آمريڪا ڀلي ٽٽڻ کان بچي ويو آهي پر آمريڪا جي معيشيت تباهي جي ڪنڌي تي پهتل هئي ، آمريڪا سان گڏ هندوستان پاران افغانستان ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپ ڪئي ويئي هئي هندوستان پاران پاڪستان خلاف سازشون ڪيون پئي ويون ،

آمريڪا سان گڏ هندوستان به پاڻ کي فاتح افغانستان سمجهي رهيو هو ، هندوستان کي اميد هئي ته اسان کي هاڻي افغانستان ۾ سڄي عمر رهڻو آهي ، پر انهن ملڪن پنهنجين فوجن کي جنهن انداز ۾ رات جي تاريڪي ۾ جهازن ۾ چاڙهي روانو ڪيو هو صبح جو افغانين ڏٺو ته آمريڪي ۽ هندوستاني فوجي اڏن ۾ ڪاري وارا ڪک هئا.هندوستان پنهنجيون فوجون ته ڪڍي ويو پر افغانستان جي فوج لاءِ  هٿيارن جا ٻه جهاز ڀري موڪليا اٿس جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته هندوستان اڃا خانا جنگي ڪرائڻ ٿو چاهي هندوستان هڪ پاسي طالبان سان تعلقات ٺاهڻ لاءِ  لابنگ پيو ڪري ته ٻئي پاسي طالبان کي ڪک ۾ ڇرو هڻندي افغاني فوج کي طالبان خلاف بارود جو وڏو ذخيرو موڪليو آهي.

بهرحال هن وقت تائين جي صورتحال موجب طالبان ملڪ جي اڪثريت علائقن ۾ قبضو ڪري چڪا آهن ، افغاني فوج طالبان آڏو هٿيار ڦٽا ڪري رهي آهي ، هن وقت طالبان جنهن انداز سان جنگ کان سواءِ افغان حڪمرانن سان ٽيبل تي ويهي ڳالهيون پيا هلائين يا وري پنهنجي نمائندن جي معرفت دنيا جي ملڪن سان ڳالهيون پيا ڪن ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته 2021 وارا طالبان تبديل ٿيل آهن ،

انهن ۾ ھٺ ڌرمي نظر نه پيئي اچي ، هو ڳالهيون ڪري مسئلا حل ڪرڻ لاءِ  ڪوششن ۾ آهن ، افغانستان لاءِ  هي مهينو اهم هوندو آمريڪي فوج جيڪا آمريڪي سفاتخاني ۾ موجود آهي اها هڪ مهيني اندر هتان رواني ٿي ويندي ان عرصي ۾ جيڪڏهن  افغان حڪمران به ملڪ ڇڏي فرار ٿي ويا ته پوءِ  شهرن ۾ طالبان آڏو ڪا وڏي مزاحمت شايد نه ٿئي جيڪڏهن  حڪمران اقتدار تي ويٺل رهيا ته پوءِ  يقينن طالبان کي وڏي ويڙھ وڙهڻي پوندي ، ايندڙ هڪ مهيني ۾ سڄي صورتحال واضح ٿي ويندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.