ام رباب جي جدوجھد ۽ انصاف جو سوال ؟

تحرير: مبين اڄڻ

موت جنھن کي ٻڌڻ سان ئي اڪثر انسانن جي چپن تان مرڪ اڏمي ويندي آهي ۽  جسم ۾ سيسراٽيون پئجي وينديون آھن .ھن ڌرتيءَ جي گولي تي جڏھن کان انساني وجود جنم ورتو آھي ان ڏينھن کان وٺي زندگي ۽ موت جي لڪ ڇپ پاڻ ۾ جاري آھي . ڪنھن به انسان جو موت ان جي گھر ڀاتين ۽ چاھيندڙن کي ڪيترو مايوس ڪري ٿو  ۽ روئاري ٿو اھو ھر اھو ماڻھو ڄاڻي سگھي ٿو جنھن پنھنجي پرين پيارن جي جنازن کي عمر کان اڳ ۾ ڪلھن تي کنيو ھوندو  آهي.

ڪجھه سال اڳ ميھڙ ۾ قتل ٿيل بي گناھه ۽ ھنيانءُ ڏاريندڙ واقعي جيڪو واقعو ادي ام رباب جي ڏاڏا چاچا ۽ بابا سان پيش آيو ان سڄي دردناڪ واقعي ۾ ام رباب جي ٽن رت جي خوني رشتن کي ھتان جي سرداري نظام ائين قتل ڪرائي ڇڏيو جئين ھو پنھنجا مفادن حاصل ڪري سگهن.قبائلي جھيڙا ڪارو ڪاري جھڙن ڪڌن عملن کي ھٿي وٺرائي ڳوٺ جا ڳوٺ اجاڙي ڇڏيندا آھن.17 جنوري 2018 جي ڏينھن به ان خوني راند کي ھڪ دفعو وري ورجايو ويو ۽ ميھڙ جيڪا ڳاڙھي ميندي جي ڪري سڄي ملڪ ۾ مشھور آھي پر ان جي گھٽين کي رت سان ڳاڙھو ڪيو ويو ۽ ٽي سال گذرڻ تائين ان مظلوم بي گناھه قتل ٿيل ٽن خونن جنھن ۾ ھر ھڪ مختيار احمد، ڪرم الله ،۽ قابل حسين چانڊيو  سان اڃا انصاف ٿي نه سگھيو آھي

ھي درناڪ ۽ المناڪ واقعو ڄڻ ستر ڪلفٽن المرتضي ھائوس ٻاھران ڪجھه ميٽرن تي پري مير مرتضي ڀٽو جي قتل جيان لڳي ٿو جنھن کي پنھنجي گھر جي سامھون قتل ڪيو ويو ۽ ائين ئي ميھڙ ۾ به سرداري نظام کان بغاوت ڪندڙ سنڌ جي ٽن جوڌن کي موت جي ننڊ سمھاريو ويو. پر ٽن سالن گذرڻ باوجود انھن ٽن ماڻهن جي نياڻي جيڪا لاڳيتو جدوجھد پنھنجا پير پٿون ڪري معزز ڪورٽن جا چڪر ڪاٽي رھي آهي پر اڄ تائين ام رباب لاءِ انصاف ايترو پري ڪيو ويو آھي جيترو زمين کان آسمان.

سڀني شاھدن جي ھوندي به ڪيس جي فريادي سنڌ جي مظلوم نياڻي ام رباب کي مسلسل پيشين تي پيشيون ڏنيون وڃن ٿيون ھوءُ پنھنجي جان تري تي رکي پنھنجي ننڍڙي وھي جيڪا عمر سھيلن سان راند روند يا پڙھڻ لکڻ کلڻ مرڪڻ جي ھجي ان ننڍڙي عمر ۾ انصاف لاءِ دانھيندي رھي ٿي پر افسوس اڄ تائين انصاف کيس ملي نه سگھيو آھي

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ان ئي تسلسل سان 3 سال گذرڻ باوجود معزز اعليٰ عدالتون ميھڙ واقعي جي دردناڪ واقعي ۾ ملوث ڪردارن کي سزا ڏئي نه سگھيون آھن . سرداري نظام جيڪو سنڌ ۽ سنڌي قوم کي  صدين کان ڄورن جيان چنبڙيل آھي.ھتان جو 95 سيڪڙو سردار جڏھن به ڪا آزادي جي بغاوت ڏسي يا ٻڌي ٿو ته فورن ان کي دٻائڻ جي لاءِ پنھنجا مخصوص حربا استعمال ڪري انھن بغاوتي ڪردارن کي ھميشه لاءِ خاموش ڪري ڇڏي ٿو،

پر انھن ظالم سردارن کي شايد اھا خبر ناھي ته ھيءَ ايڪويھين صدي جي سنڌ آھي ھي سوشل ميڊيا،  سائنسي ۽ گلوبل دنيا جو وقت آھي جنھن ۾ ھر ھڪ نوجوان مرد توڙي عورت ٻار توڙي ٻڍو اوھان جي انھن ڪوڙن سرداري فيصلن کي رد ڪري پنھنجي ۽ پنھنجي ٻچڙن جي مسقبل کي سنوارڻ لاءِ سرداري نظام کي مڪمل رد ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪا آھن ھتان جا ماڻھو  سنڌ ۽ سنڌي قوم عنقريب ان ظالم ڪرپٽ سرداري نظام خلاف بغاوت جو علم بلند ڪندا ۽ ھي سرداري ڪوٽ واري جي ديوار ثابت ٿيندا

آئون وري به آخر ۾ عزت ماب ڪورٽ سڳوري ۽ جج صاحبن کي اھو عرض ڪندس ته ميھڙ واقعي جي ڪيس جي روز جي بنياد تي پيروي ڪري قاتلن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي سلاخن جي پٺيان وڌو وڃي جئين ھر غريب توڙي ھاري ناري ۽ عام ماڻھوءَ جو يقين پختو ٿئي ته ھتان جون معزز ڪورٽون سڀني کي ھڪ جھڙو انصاف ڏين ٿيون ادي ام رباب جو ڪيس سموري سنڌ جو ڪيس آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.