سنڌ جَي مختلف علائقن ۾سانوڻي جو پهريون وسڪارو، بجلي جو نظام ڊانواڊول

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ وسڪاري کانپوءِ موسم وڻندڙ ۽ بجلي جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو، ڪوهستان ۾ برسات بعد نيون وهي آيون، ڪراچي، ميرپورخاص، ٺٽو، ٽنڊو محمد  خان، عمرڪوٽ، ٽنڊو ڄام، سجاول، ميرپور بٺورو، دڙو، ٻنون، شهدادپور ۽ ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان وسڪارو ٿيو، ڪوٽڙي، ڄام شورو، مانجهند، عمرڪوٽ، ننگر پارڪر، ڪنري ۽ ٻين علائقن ۾ به ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، ٺٽي، مڪلي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن شھرن ڇتو چنڊ، چليا، ڪينجھر، سونڊا، جھرڪ ۽ ڪوھستان جي شھرن جھمپير، جنگشاھي، ساڏورو، برادآباد سميت ٻين شھرن ۾ چوماسي جو وسڪارو ٿيو، ٺٽي شھر جي شاھي بازار سميت ٻين ھيٺاهين وارن علائقن جي ھنڌن تي پاڻي بيھجي ويو ويو ، ڪوهستان ۾ وسڪاري بعد نيون وهي آيون ۽ ڳوٺ مهندا پالاري ۾ ندي وهڻ سبب مرجهايل چهرا مرڪي پيا، ڳوٺاڻن طرفان دهل وڄائي خوشي جو اظهار ڪيو ويو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ برسات سبب اڪثر علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي، ڊفينس، ڪلفٽن، صدر، ڪورنگي، اورنگي ٽائون نارٿ ناظم آباد، لياري، گلشن حديد، گلشن اقبال ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي بحال نه ٿي سگهي، هوڏانهن حيدرآباد ۾ حالي روڊ، گرونگر، لياقت ڪالوني ۽ سحرش نگر سميت هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، ۽ ڪترن علائقن ۾ رات کان بند ٿيل بجلي بحال نه ٿي،.بي سرروڊ جي مختلف علائقن ۾ سانوڻي جي پهرين برسات موسم خوشگوار ٿي وئي، برسات سبب آبادگار توڙي مالوند ماڻهن ۾ خوشي جي لهر پکڙيل آهي جڏهن ته گذريل 12 ڪلاڪن کان مختلف علائقن ۾ بجلي نه معطل رهواسي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا. ڪوٽڙي ۾ سانوڻي موسم جي پهرين برسات ۾ ئي شهر جا مين گٽر نالا اٿلي پيا، خدا جي بستي جو مک قبرستان گٽرن جي پاڻي هيٺ ٻڏي ويو، ڊرينيج جو ناڪار انظام هجڻ ۽ گٽرن جي صفائي نه هجڻ ڪري شهر جي مختلف علائقن جو پاڻي بستي قبرستان ۾ ڪاهي پيو ، قبرستان ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ تي شهري قبرستان تي گڏ ٿي ويا ۽ انتظاميا غائب ٿي وئي، ميرپور ساڪري ۽ آس پاس وارن ننڍن وڏن شھر ۾ سانوڻي برسات جو تيز وسڪاري جي ڪري مارو ماڻهن جي منهن تي مرڪون موٽي آيون، پر بجليَ جو نظام درھم برھم ٿي ويو، ٽڊو محمد خان شھر ۽ ڀرپاسي گذريل رات کان گجگوڙ سان پوندڙ برسات سبب روڊن ۽ رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي، بجلي جاسمورا فيڊر بند ھئڻ ڪري بجلي جي سپلاءِ اڃا تائين بحالن نه ٿي سگھي، جھول شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز طوفاني بارش شروع ٿيڻ سان ئي بجلي جو نظام درهم برهم ۽ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، پنگريو ۽ آسپاس ھڪ کان زوردار برسات جو وسڪارو ھيٺائين وارا علائقي پاڻي ھيٺ اچي ويا، سنجرچانگ ۽ ان جي ڀر پاسي جي علائقن ۾ برسات جو وسڪارو شروع ٿي ويو ۽ موسم خوشگواربڻجي وئي، ٽنڊوباگو: ٽنڊوباگو شهر ۾ هڪ ڪلاڪ کان وٺي ھلندڙ تيز برسات سبب ٽنڊوباگو شهر جي شاهي بازار سميت وارڊ نمبر 1 شيدي محله، وارڊ نمبر 2 مير محله ۽ وارڊ نمبر 3 غريب آباد محلي جي ھيٺائين وارا علائقا برساتي پاڻي جي هيٺ اچي ويا آهن. ٽنڊو غلام حيدر ڀرپاسي واري علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات جو وسڪارو جاري آهي، موسم خوشگوار ۽ بجلي جو نظام رات کان وٺي ڊانوان ڊول ٿي ويو، عمرڪوٽ ۾برسات سبب موتي چوڪ روڊ کان پاڻي سول اسپتال عمرڪوٽ جي احاطي ۾ جمع ٿي ويو ، برساتي پاڻي داخل ٿيڻ سبب اسٽاف ۽ مريضن سان گڏ آيل ماڻھو پريشانين جو شڪار ٿي ويا، سنڌڙي، ھنڱورنو، ڦلھڏيون ۾ تيز برسات جو وسڪارو، گرمي جو زور ٽٽي ويو، فصلن ۾ بھاري اچي وئي، بجلي ۽ موبائيل سروس غائب ٿي وئي. ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رات کان وٺي وقفي وقفي تيز ۽ هلڪي برسات جو سلسلو جاري آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.